”بلو بلرام“ جي واپسي، سنجي دت ”کَلنائڪ ريٽرنز“ جو ٽيزر جاري ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) سنجي دت اٽڪل 33 ورهين کانپوءِ هڪ ڀيرو ٻيهر مڪمل دهشت سان گڏ پنهنجي مشهور ڪردار ”بلو بلرام“ ذريعي فلم ”کَلنائڪ ريٽرنز“ ۾ واپسي ڪري رهيو آهي.
فلم جو فرسٽ لُڪ ٽيزر جاري ڪيو ويو آهي، جنهن مداحن کي ماضيءَ جي يادن ۾ وڪوڙي ڇڏيو آهي، هي فلم ايسپيڪٽ پروڊڪشن طرفان ماڊرن سئنما جي بينر هيٺ تيار ڪئي پئي وڃي.
ٽيزر ڏسڻ کانپوءِ اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته اداڪار جو مقصد نوي واري ڏهاڪي جي فلمي شوقينن جي يادن کي تازو ڪرڻ آهي، فلم سيڪوئل آهي يا ريميڪ ان حوالي سان في الحال تفصيل جاري ناهن ڪيا ويا.
واضح رهي ته هيءَ فلم 1993 جي بلاڪ بسٽر فلم ”کَلنائڪ“۾ سنجي دت، ماڌوري ڊڪشت، جيڪي شيروف، انوپم کير، راکي گلزار ۽ ٻي ڪاسٽ شامل هئي.
هدايتڪار سڀاش گَهئي جي اها فلم اڄ به پنهنجي موسيقي ۽ اداڪاري جي ڪري ياد ڪئي وڃي ٿي، خاص طور سنجي دت جي ڪارڪردگي، جيڪا سندس ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل ثابت ٿي هئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.