ٻوليون ڳانڍاپي جو ذريعو آهن، سنڌي ٻوليءَ کي ڊجيٽائيز ڪرڻ جي ضرورت آھي:ساڃاهه ونــــد

ڪراچي ( رپورٽر) پاڪستان آرٽس ڪائونسل ڪراچي جي لوڪ ورثو ڪميٽي طرفان سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي قرار ڏيڻ جي 178 سال مڪمل ٿيڻ جي ياد ۾ هڪ تقريب ٿي گذري . ان موقعي تي سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي چيو ته سنڌي ٻولي سکڻ انگريزن جي واپاري مجبوري ھئي سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان بھتر ڪم ڪري رهي آهي اسان جو ماڻهو سنڌي ٻوليءَ  کي واھپي ۾ نه ٿو آڻي خبر ناهي انھن سان مجبوري ڪھڙي آھي، جيڪڏھن پنھنجن ٻارن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ڳالھائيندا سين ته اھو نسلي قتل ٿيندو، اسان جو ادارو محدود ماڻهن تي ٻڌل آهي، سنڌي ٻوليءَ جي واھپي جي حوالي سان ڪوششون وٺي رهيا آهيون. سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي اڳوڻي چيئرپرسن ڊاڪٽر فهميده حسين چيو ته سنڌي ٻولي جو بااختيار ادارو اھو ھاڻي بي اختيار ادارو آھي اٿارٽي جو لفظ ڪڍيو وڃي مان جڏهن سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي چيئرپرسن ھيس تڏھن سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان وزير اعلي سنڌ ۽ وزيرن کي خط لکيا پر ڪنهن به جواب ڪو نه ڏنا اٿارٽيءَ بورڊ ٺاھڻ لاءِ نه آھن پر جن ادارن کي عمل ڪرڻ گھرجي اھو نه ڪري رھيا آھن. ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن سنڌي ٻوليءَ کي آفيشل ٻولي قرار ڏنو ته لساني فساد شروع ٿيا ٻوليءَ جي حوالي سان اٿارٽيءَ ۾ تمام گھڻو ڪم ڪيو پر طعنا مليا ڪجھه ڪونه ٿا ڪريو ھاڻ ٻوليءَ کي ڊيجيٽلائيز ڪرڻ جي ضرورت آھي مان سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي بااختيار اداري لاءِ دعا ڪندس ته انھن کي اختيار ملن.  پ پ ايم اين اي ۽ تعليمدان مھتاب اڪبر راشدي چيو ته سنڌين سنڌي ٻوليءَ کي دفتري ٻولي ڪونه ڪيو پر انگريزن دفتري ٻولي بڻائي اردو صرف رابطي جي زبان آهي ٻوليون ڳنڍڻ جو ذريعو آهن انگريزن کي اسان جي ٻوليءَ سان محبت نه ھئي پر ھنن پنھنجي فائدي لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو زبانون ھڪ ٻئي کان جدا نه ڪنديون آهن پر جوڙڻڻ جو نالو آھن صرف ڪراچي نه پر ڳوٺن ۾ به دڪانن جا نالا به اردوءَ ۾ لکيل آھن اسان پاڻ احساس ڪمتريءَ جا شڪار آھيون ته منھنجو ٻار انگريزي ۾ ڳالھائي پر سنڌيءَ ۾ نه جڏهن ته ٻار ۾ قدرتي طور تي ھڪ کان وڌيڪ ٻوليون سکڻ جي صلاحيت ھوندي آھي سنڌ گريجوئيٽس وارن کي سنڌي ٻوليءَ جي واڌاري لاءِ ڪم ڪرڻ گھرجي  انگريزي ڳالھائڻ سان ماڊرن نه ٿيندو آهي پر پنھنجي سوچ سان ٿيندو آهي. پروفيسر اعجاز قريشي چيو ته انگريز اسان جو دشمن ھجڻ جي باوجود سنڌي ٻوليءَ کي وڌائڻ جي ڪوشش ڪئي پر جيڪي سنڌ ۾ رھن ٿا اھي سنڌي ٻوليءَ لاءِ ڪجهه به نه ڪري رھيا آھن ٻوليءَ ايڪٽ تحت سنڌ جي رستن جا نالا سنڌي ٻوليءَ ۾ لکڻا آھن پر ڪٿي به سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيل نه آھن خاص طور تي ڪراچيءَ ۾ رستن تي  بورڊن تي نالا نالا سنڌي ٻوليءَ ۾ لکيا وڃن. اڳوڻي وفاقي وزير تعليم مدد علي سنڌي چيو ته آرڪائيوز کاتي سنڌ مان ٻوليءَ جا فائيل گم آھن پر جيڪي شيون آھن انھن کي محفوظ ڪرڻ جي ضرورت آهي جيڪو ڪم ادارن کي ڪرڻ گھرجي اھي ڪري نه رھيا آھن ادارن کي جيڪي گرانٽ ملي ٿي ته انھن مان ٻوليءَ جا ڪتاب ڇپرايا وڃن. ليکڪ مختيار ملاح چيو ته اسان اھيو ثابت ناھيون ڪري سگهيا ته سنڌي ٻولي جو بڻ بڻياد ڪھڙو آھي يا اھيو به ثابت ڪونه ڪري سگهيا آھيون ته سنڌي ٻولي ڪيتري قديم آھي انگريزن فارسي ٻوليءَ جي اثر کي ختم ڪرڻ جي لاءِ سنڌي ٻوليءَ کي سرڪاري ٻولي جو درجو ڏنو ويو پر سنڌ مان فارسي ٻوليءَ جي ختم ٿيڻ تي سنڌي ماڻهن کي ڏک ٿيو ھو ته فارسي ٻولي ختم نه ٿئي. ڊاڪٽر قاسم راڄپر چيو ته اسان جي دؤر ۾ جيڪا سنڌي ٻوليءَ کي ترقي ملڻ گھرجي ھا اھا ناھي ملي سگهي ھن دور ۾ سنڌي ٻوليءَ کي تمام گھڻو نقصان پھتو آھي سرڪار کي ان طرف ڌيان ڏيڻ گهرجي ڊاڪٽر ايوب شيخ چيو ته جيڪو ٻار ماڌري ٻولي نه ٿو پڙهي اھو اڪابر نه ٿو ٿي سگھي. سنڌي ٻوليءَ جا 178 سال مڪمل ٿيڻ جي ياد M تقريب آرٽس ڪائونسل آف پاڪستان ڪراچي جي لوڪ ورثو ڪميٽي پاران حسينه معين ھال ۾ منعقد ڪئي وئي. ان موقعي تي سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ جي چيئرمين ڊاڪٽر شير مهراڻي چيوته انگريزن کي ناڻي سان پيار ھو پر سنڌي ٻوليءَ سان پيار نه ھو سنڌي ٻولي سکڻ انگريزن جي مجبوري ھئي سنڌي ٻوليءَ اٿارٽيءَ سنڌي ٻوليءَ جي حوالي سان بھتر ڪم ڪري رهي آهي اسان جو ماڻهو سنڌي ٻوليءَ کي واھپي ۾ نه ٿو آڻي خبر ناهي انھن سان مجبوري ڪھڙي آھي، جيڪڏھن پنھنجن ٻارن سان سنڌي ٻوليءَ ۾ نه ڳالھائيندا سين ته اھو نسلي قتل  هوندو.

ڊجيٽل سنڌ جو خواب ڏسندڙ امر فياض ٻرڙو ماجد ڀرڳڙي انسيٽيوٽ تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي

حيدرآباد ( رپورٽر) ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙو  جي سوشل ميڊيا تي استعفيٰ جي خبر آئي آھي ھن سبب ڌمڪين ڏيڻ   وسيلا نه ھجڻ جھڙا  الزام ھڻندي ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪري ڇڏيو،  سنڌي ٻوليءَ کي جديد ٽيڪنالاجي سان ڳنڍڻ  لاءِ  سنڌ حڪومت پاران قائم ڪيل خودمختيار اداري عبدالماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ جي ڊائريڪٽر امر فياض ٻرڙو پاران اداري ۾ کيس مسلسل تنگ ڪرڻ، گاڏي روڪڻ سميت وسيلا بند ٿيڻ جا الزام هڻندي پنھنجو سوشل ميڊيا تي وڊيو بيان جاري ڪري ڇڏيو آھي. ھن سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل وڊيو بيان ۾ چيو آھي ته ھن سنڌي ٻوليءَ جي جديد ڊجيٽلائيزيشن تي سنڌي ڪمپيوٽنگ لاءِ ھڙان وڙان محنت سان ڪم ڪيو آھي پر افسوس ھاڻ ڪجھه وقت کان کيس مختلف طريقن سان تنگ ڪيو پيو وڃي، سندس گاڏي روڪڻ کان ويندي کيس مختلف طريقن سان پريشان ڪيو وڃي ٿو . ھن ثقافت کاتي جي اختيارين سان مخاطب ٿيندي چيو ته ھاڻ گھڻو ٿيو  ھو ھن اداري ۾ وڌيڪ ڪم نٿو ڪري سگھي. ھو پنھنجي ٻچن لاءِ  ڪا ٻي نوڪري وڃي ڪندو پر ماجد ڀرڳڙي انسٽيٽيوٽ آف لئنگئيج انجنيئرنگ ۾ پنھنجون خدمتون سرانجام نه ڏيندو. جڏھن  ته امر فياض سان ان سلسلي ۾ موقف وٺڻ لاءِ سندس موبائل فون نمبر تي بار بار رابطو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي پر سندس موبائل فون نمبر مسلسل بند مليو. ھوڏانھن ثقافت واري صوبائي وزير سيد ذوالفقار علي شاھ استعيفيٰ جو نوٽس وٺندي ڊي آءِ جي حيدرآباد سان رابطو ڪري امر فياض کي  هراسان ڪرڻ ۽ ڌمڪين ملڻ جو نوٽيس وٺڻ جي ھدايت ڏني آھي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.