يورپي يونين ايران تي پابندين ۾ نرمي جو اشارو ڏئي ڇڏيو

لنڊن (ويب ڊيسڪ) يورپي يونين اشارو ڏنو آهي ته جيڪڏهن ايران سان ڪو گڏيل معاهدو طي ٿي ويو ته هو ايران تي مڙهيل پابندين ۾ مرحليوار نرمي ڪرڻ تي راضي ٿي سگهي ٿي.
برطانوي ميڊيا موجب، جرمن چانسلر فريڊرڪ مرز يورپي اڳواڻن کي ٻڌايو ته ايران سان معاهدي جي صورت ۾ پابنديون گهٽائڻ واري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ يورپي يونين جو هڪ امڪاني ڪردار ٿي سگهي ٿو، جنهن جي نتيجي ۾ مستقل جنگ بندي جو دڳ کلي سگهي ٿو.
سندس وڌيڪ چوڻ هو ته هي ان سڄي عمل ۾ اسان جو هڪ عملي سهڪار ثابت ٿي سگهي ٿو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.