ميرپورخاص (بيورو) هراسمنٽ کان پريشان ٿي آپگهات ڪندڙ نجي ميڊيڪل ڪاليج جي شاگردياڻي فهميدا لغاري جي ڪيس ۾ اهم قانوني اڳڀرائي ٿي آهي. عدالت نامزد فارماسسٽ عابد لغاري کي جيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته شريڪ جوابدار شاگرد عبدالرحمان جو وڌيڪ ٻن ڏينهن جو رمانڊ منظور ڪيو ويو آهي. ميرپورخاص جي لاڳاپيل عدالت 11 ڏينهن جو رمانڊ پورو ٿيڻ تي فارماسسٽ عابد لغاري کي جڊيشنل رمانڊ تي سينٽرل جيل موڪلڻ جو حڪم ڏنو. ٻئي طرف، ڪيس ۾ نامزد ڪاليج جي پرنسپل تنوير عالم ۽ پروفيسر فرزانا جي حفاظتي ضمانت ۾ وڌيڪ 7 ڏينهن جي واڌ ڪئي وئي آهي. ذريعن موجب، آءِ جي سنڌ پاران ايس ايس پي سهائي عزيز ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه جي اڳواڻي ۾ جوڙيل جاچ ٽيم کي ڪاليج مان هٿ ڪيل سي سي ٽي وي فوٽيجن، وائيس نوٽن ۽ ميسيجن مان اهم ثبوت مليا آهن. جاچ ٽيم شاگردياڻي جي ليپ ٽاپ ۽ موبائيل فون جي ڪال هسٽري جي بنياد تي جاچ جو دائرو ڪاليج کان ٻاهر تائين وڌائي ڇڏيو آهي. جاچ اختيارين جو چوڻ آهي ته موبائيل ڊيٽا مان ٿيندڙ اڳڀرائي کانپوءِ ڪجهه ٻين ماڻهن کي به جاچ ۾ شامل ڪيو ويندو.