ضيا لنجار جي لغارين کي معافي جهان خاني فيصلو آهي:سردار رحيم

ڪراچي(عوامي آواز نيوز) ف ليگ اڳواڻ سردار رحيم چيو آهي ته ضيا لنجار جي لغارين کي معافي جهان خاني فيصلو آهي،موري  ۾ گهر پاڻ ساڙائي وري مٿان معافيون ڏئي رهيا آهن،اسان هن جي بيان ۽ معافي کي اهميت نٿا ڏيون، هن چيو ته ڪراچي ۾ ف ليگ جون آفيسون قائم ڪرڻ تي ايم ڪيو ايم جا ماڻهو اسان جي ڪارڪنن کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن،فائرنگ ۾ 10 ڪارڪن زخمي ڪيا ويا آهن،3 ڄڻا اسپتال داخل آهن،هڪ خانگي ٽي وي سان ڳالهيون ڪندي هن چيو ته ايم ڪيو ايم وارن پنهنجي آفيس تي پاڻ فائرنگ ڪري اسان تي الزام هنيو آهي،پوليس ۽ گهرو وزير ايم ڪيو ايم سان مليل آهن،ضيا لنجار جي حڪم تي اسان مٿان ايف آءِ آر داخل ڪئي وئي آهي،هن وقت ايم ڪيو ايم ۽ پ پ ٻئي غيرمقبول بڻيل آهن،ٻئي پارٽيون سرڪاري عهدن پٺيان لڪيل آهن،

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.