ڪراچي (ويب ڊيسڪ) آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍي شادي تقريبن ۾ هوائي فائرنگ ڪندڙن کي خبردار ڪري ڇڏيو.
آءِ جي سنڌ پنهنجي تازي بيان ۾ واضح ڪيو آهي ته هوائي فائرنگ ڪندڙن سان سختي سان پيش اينداسين، شادي ۾ هوائي فائرنگ ٿي ته گهوٽ سان گڏ ان جا والدين به گرفتار ٿيندا.
هن هدايت ڪئي ته ايس ايس پيز هوائي فائرنگ ڪندڙن جي فوري طور گرفتاري جي حڪم تي عملدرآمد ڪرائن، اڻڄاتل پاسي کان ايندڙ گولي قيمتي جانيون ضايع ٿيڻ جو سبب بڻجندي آهي، اهڙن واقعن تي تمام گهڻو ڏک ٿيندو آهي.
شادي ۾ هوائي فائرنگ ٿي ته گهوٽ سان گڏ ان جا والدين به جيل ويندا: آءِ جي سنڌ سخت حڪم ڏئي ڇڏيو
You might also like