ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ (سريلنڪا ڪرڪيٽ) ايل پي ايل (لنڪا پريميئر ليگ) جي ڇهين ايڊيشن جو اعلان ڪري ڇڏيو.
سريلنڪا ڪرڪيٽ بورڊ طرفان جاري ڪيل بيان موجب، ايل پي ايل جو ڇهون سيزن 10 جولاءِ کان 5 آگسٽ تائين کيڏيو ويندو.
ڪولمبو جو سنهالي اسپورٽس ڪلب (ايس ايس سي) ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ جي ميزباني کانپوءِ هاڻي 2026 ۾ ايل پي ايل جي ميزبان طور ڊيبيو ڪرڻ لاءِ تيار آهي.
ٽورنامينٽ جي هن ايڊيشن لاءِ سال جي وچ واري ونڊو جي چونڊ ڪئي وئي آهي، اصل ۾ اهو ايڊيشن 2025 جي آخر ۾ (27 نومبر کان 23 ڊسمبر تائين) شيڊيول هو، پر سريلنڪا ڪرڪيٽ موجب ورلڊ ڪپ جي تيارين سبب ان کي ملتوي ڪيو ويو هو، عالمي ڪپ کانپوءِ مارچ ۾ به ميچون ڪرائڻ تي غور ڪيو ويو پر ائين نه ٿي سگهيو.
اهو پهريون ڀيرو هوندو جو هي ٽورنامينٽ چئن مختلف وينيوز تي کيڏي ويندي، آر پريماداسا اسٽيڊيم سان گڏ هاڻي ايس ايس سي ڪولمبو ٻيو وينيو هوندو، جڏهن ته پاليڪيلي ۽ دامبولا ۾ به ميچون شيڊيول آهن.
ايس ايس سي روايتي طور تي سريلنڪن ڪرڪيٽ جو گهر ۽ ٽيسٽ وينيو طور مشهور آهي، پر هاڻي نيون فلڊ لائيٽس لڳڻ کانپوءِ هي لنڪا پريميئر ليگ جي رات وارين ميچن لاءِ به دستياب هوندو.
ميڊيا رپورٽن موجب، هن ڀيري ٽورنامينٽ ۾ ڇهين ٽيم جي شموليت بابت ڳالهيون هلي رهيون هيون، پر اڃا تائين باضابطا اعلان نه ٿيڻ سبب لڳي ٿو ته ٽورنامينٽ 5 ٽيمون تي ئي ٻڌل هوندو.
ذريعن موجب، ڪجهه فرنچائزز جي مالڪي تبديل ٿيڻ جو به امڪان آهي، پرڏيهي رانديگرن جي رجسٽريشن لاءِ آن لائن پورٽل 4 مئي کان کلي ويندو، جڏهن ته ساڳئي وقت ميجر ليگ ڪرڪيٽ، دي هندريڊ ۽ گلوبل ٽي ٽوئنٽي ڪئناڊا جي موجودگي ۾ ايل پي ايل لاءِ بهترين رانديگرن کي شامل ڪرڻ هڪ چئلينج هوندو.