نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) پوڊوچيري جي ٽن ڪرڪيٽرن کي انڊر 19 ڪوچ تي حملي جي الزامن کانپوءِ ڪرڪيٽ ايسوسيئيشن آف پوڊوچيري (سِي اَي پِي ) طرفان هر قسم جي ڪرڪيٽ سرگرمين تان معطل ڪيو ويو آهي.
سي اي پي طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته جي ڪارٿيڪين، اي اروند راج ۽ ايس سنتوش ڪمارن هڪ سنگين مجرماڻي ڏوهه ۾ ملوث هئا، ٽنهي مٿان انڊر19 ڪوچ مسٽر وينڪٽارمن تي قاتلاڻي حملي ۽ تشدد جا الزام شامل آهن.
ايسوسيئيشن موجب، هي واقعو 8 ڊسمبر 2025 تي پيش آيو هو ۽ سيڊورا پيٽ پوليس اسٽيشن ۾ رسمي چارج شيٽ داخل ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معاملو هن وقت جڊيشل مئجسٽريٽ IV ڪورٽ پوڊوچيري ۾ ٻڌڻي هيٺ آهي.
ياد رهي ته هي واقعو ڀارت جي ڊوميسٽڪ ٽي ٽوئنٽي ٽورنامينٽ ”سيد مشتاق علي ٽرافي“ دوران پيش آيو، جتي انڊر 19 ٽيم جي هيڊ ڪوچ ايس وينڪٽارمن تي حملو ڪيو ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، ٽئي رانديگر اسڪواڊ مان ڪڍڻ تي ڪوچ مٿان ڪاوڙيل هئا.
ياد رهي ته پوڊوچيري جي ٽيم آخري ڀيرو رنجي ٽرافي 26-2025 جي گهرو ڪرڪيٽ ۾ نظر آئي هئي، جتي ان ستن مان هڪ ميچ کٽڻ کانپوءِ گروپ ڊي ۾ ڇهين پوزيشن ماڻي هئي.