توانائي بحران ۽ فلڊ لائيٽس ۾ ميچون! پي ايس ايل بابت عدالت مان وڏي خبر اچي وئي

لاهور (ويب ڊيسڪ)لاهور هاءِ ڪورٽ پي ايس ايل ميچون فلڊ لائيٽس ۾ ڪرائڻ تي پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ پي ايس ايل ميچون فلڊ لائيٽس ۾ ڪرائڻ خلاف درخواست تي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران عدالت پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي وڪيل کي جواب جمع ڪرائڻ جي هدايت ڪئي.
پي سي بي جي وڪيل درخواست جي مخالفت ڪندي چيو ته پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جنريٽرن ذريعي ميچون ڪرائيندو آهي، اسان واپڊا جي بجلي استعمال ناهيون ڪندا.
بعد ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ درخواست تي ٻڌڻي 5 مئي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.