ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو (ويب ڊيسڪ) ويسٽ انڊيز چيمپيئن شپ جي ميچ خطرناڪ پِچ سبب ختم ڪئي وئي.
ويوين رچرڊز اسٽيڊيم ۾ ليورڊ آئلينڊ ۽ ٽرينيڊاڊ اينڊ ٽوباگو وچ ۾ ميچ کيڏي پئي وئي، چيمپيئن شپ جي ٻي ميچ پِچ جي خطرناڪ حالت سبب ختم ڪئي وئي آهي.
راند جي ٽئين ڏينهن جي پهرئين سيشن دوران پِچ جي غير امڪاني صورتحال ۽ تيز بائونس سبب رانديگرن جي حفاظت جي حوالي سان شديد خدشا پيدا ٿيا.
ميچ دوران ليورڊ آئلينڊ جي رانديگر جيري ميهالويس کي جيڊن سيلز جي بال زوردار طريقي سان لڳو جنهن کانپوءِ رانديگر کي گرائونڊ ۾ ترت طبي امداد ڏيڻ کانپوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو هو.
ڪرڪيٽر جو ڪنڪيشن ٽيسٽ پڻ ٿيو،جڏهن ته هاڻ اسپتال ۾ سندس طبيعت بهتري اچي رهي آهي.
ڪرڪيٽ ويسٽ انڊيز موجب، گرائونڊ ۾ ايندڙ ميچ تائين پِچ کي سٺي انداز ۾ تيار ڪرڻ جي سمورن قدمن کي يقيني بڻايو ويندو.