دبئي (ويب ڊيسڪ) انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پليئرز رينڪنگ جاري ڪري ڇڏي آهي.
آءِ سي سي طرفان جاري ڪيل هفتيوار ون ڊي بيٽرز رينڪنگ ۾ نيوزيلينڊ جو ڊيرل مچل پهرئين نمبر تي موجود آهي، ڀارتي اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي ٻئي ۽ افغانستان جو ابراهيم زادران ٽئين نمبر تي موجود آهي.
ون ڊي رينڪنگ ۾ پاڪستان جي بابر اعظم جو ڇهون ۽ سلمان آغا جو ڏهون نمبر آهي.
ان کانسواءِ بنگلاديشي بيٽر توحيد هردوئي پنج درجا ترقي ماڻي 27 هين نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته تنزيد حسن 14 درجا ترقي کانپوءِ 40 هين نمبر تي اچي ويو آهي.
ون ڊي بالرن جي رينڪنگ ۾ افغانستان جي راشد خان جو پهريون نمبر برقرار آهي، جڏهن ته انگلينڊ جو جوفرا آرچر ٻئي نمبر تي آهي. آسٽريليا جو ايڊم زمپا ۽ پاڪستان جو ابرار احمد هڪ هڪ درجو بهتري سان ڏهين ۽ يارهين نمبر تي اچي ويا آهن، بنگلاديش جو رِشاد حسين 10 درجا بهتري کانپوءِ 60 هين پوزيشن ماڻي ورتي آهي.
ان کانسواءِ آل رائونڊرز رينڪنگ ۾ افغانستان جو عظمت الله عمرزئي پهرئين نمبر تي موجود آهي، زمبابوي جو سڪندر رضا هڪ درجو بهتر ٿيڻ کانپوءِ ٻئي نمبر تي اچي ويو آهي، جڏهن ته بنگلاديش جو مهدي حسن ميراز ٻه درجا وڃائڻ کانپوءِ چوٿين نمبر تي هليو ويو آهي، راشد خان ٻه درجا بهتري کانپوءِ پنجين نمبر تي اچي ويو آهي.
You might also like