”عورتن جي معاملي ۾ ڪوهلي جي چونڊ لاجواب..!“ سوشل ميڊيا پوسٽ تي اڳوڻي گرل فرينڊ به چپ نه رهي سگهي

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان ۽ اسٽار بيٽر ويرات ڪوهلي اڄڪلهه هڪ ڀيرو ٻيهر آن لائن ٽرينڊ ڪري رهيو آهي، پر هن ڀيري سندس وائرل ٿيڻ جو ڪارڻ ڪو رڪارڊ نه پر هڪ تازي سوشل ميڊيا پوسٽ آهي.
ويجهڙ ۾ ويرات هڪ جرمن عورت بلاگر جي پوسٽ ”لائيڪ“ ڪئي جنهن سوشل ميڊيا تي نئوم بحث ڇيڙي ڇڏيو.
اصل ۾ ٿيو ائين جو ڪوهلي جي جرمن بلاگر جي پوسٽ لائيڪ ڪرڻ کانپوءِ هڪ انسٽاگرام پيج ڪولاج شيئر ڪيو جنهن ۾ ڪرڪيٽر جي اڳوڻي گرل فرينڊ ايزابيل، گهر واري انوشڪا شرما، جرمن بلاگر ليز لاز ۽ اونيٽ ڪور جون تصويرون هيون.
ڪوهلي ليز لاز ۽ اونيٽ جون تصويرون لائيڪ ڪري چڪو آهي، جنهنڪري انسٽاگرام پيج ڪيپشن ۾ لکيو ته ”ان ڳالهه کان ڪو به انڪار نٿو ڪري سگهي ته ويرات ڪوهلي جي چونڊ عورتن جي معاملي ۾ لاجواب آهي.“
پر ان پوسٽ ايزابيل کي ڪاوڙائي ڇڏيو ۽ هن پوسٽ تي تبصرو ڪندي لکيو ته ” 12 سال ٿي ويا آهن ۽ ائين ئي سال گذري رهيا آهن پر ماڻهو اڃا تائين هڪ شيءِ وساري نه سگهيا آهن.“
ايزابيل جي تبصري کانپوءِ واهپيدارن طرفان به ان انسٽاگرام پيج کي تنقيد جو نشانو بڻايو پيو وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.