اسلام آباد)ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايراني سفير رضا اميري مقدم جي ملاقات ٿي، جنهن ۾ ٻطرفن معاملن ۽ خطي جي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل پڌرائيءَ ۾ چيو ويو آهي ته ملاقات ۾ خطي جي موجوده صورتحال ۽ امن جي ڪوششن تي تفصيلي ويچار ونڊيا ويا.
پڌرائيءَ موجب، وزيراعظم ۽ ايراني سفير علائقائي استحڪام لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.
ياد رهي ته پاڪستان طرفان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ سفارتي ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.
گذريل ڏينهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سوشل ميڊيا تي جاري ڪيل پنهنجي پيغام ۾ چيو هو ته ”پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي درخواست تي ايران تي حملا روڪي رهيا آهيون.“