نصيرآباد (رپورٽر) نصير آباد جي ڳوٺ ننگر جهتيال ۾ سنڌياڻي تحريڪ ۽ قومي عوامي تحريڪ پاران ڪاروڪاري، سڱ چٽي، نياڻين جي اغوا ۽ تعليمي ادارن ۾ هراسمنٽ خلاف مرڪزي آرگنائيزر شازيه احمداڻي، نصرت خاصخيلي ۽ فضا ملاح جي اڳواڻي ۾ احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو. مظاهرين هٿن ۾ پلي ڪارڊ کڻي ڪاروڪاري جو دستور نامنظور جا نعرا هنيا. احتجاج کي خطاب ڪندي شازيا احمداڻي چيو ته ڪوڙن الزامن هيٺ نياڻين کي قتل ڪرڻ وحشي رسم آهي، جنهن جو سنڌ جي عظيم تهذيب سان ڪو تعلق ناهي. هن چيو ته لاڙڪاڻي، ٽنڊو مستي ۽ ميرپورخاص ۾ ٿيل واقعا انتظاميا جي ناڪامي آهن، جيڪي قاتلن کي تحفظ فراهم ڪري رهيا آهن. نصرت خاصخيلي چيو ته سنڌ ۾ قانون جي بالادستي ناهي، ماڻهو وڏيرن ۽ قاتلن جي رحم و ڪرم تي آهن. هن مطالبو ڪيو ته پريا ڪماري، فضيلا سرڪي ۽ اجالا سولنگي سميت سمورين اغوا ٿيل نياڻين کي بازياب ڪرايو وڃي. فضا ملاح چيو ته تعليمي ادارن کي محفوظ بڻايو وڃي، ڇاڪاڻ ته فهميدا لغاري جهڙن المناڪ واقعن سماج کي لوڏي ڇڏيو آهي. اڳواڻن مطالبو ڪيو ته جرڳائي نظام تي مڪمل پابندي لڳائي وڃي ۽ عورتن جي قتل ۾ ملوث جوابدارن کي سخت سزائون ڏنيون وڃن.