جنگ بندي جو مدو ختم، ايران-آمريڪا ڳالهيون رولڙي جو شڪار

واشنگٽن (ع آ نيوز)آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جنگبندي ۾ واڌ نه ڪرڻ جو اشارو ڏئي ڇڏيو. هڪ آمريڪي  ٽي وي کي ڏنل انٽرويو ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران ڪيترائي ڀيرا جنگبندي جون ڀڃڪڙيون ڪيون آهن ۽ هو جنگبندي جو مدو وڌائڻ نٿو چاهي. سندس چوڻ هو ته آمريڪا هر قسم جي فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ تيار آهي ۽ ايران سان جنگ کي سٺي معاهدي سان ختم ڪيو ويندو. آمريڪي صدر جو چوڻ هو ته آمريڪا ايران سان معاملا بهترين انداز ۾ سنڀالي رهيو آهي ۽ ايران وٽ ڳالهين ۽ معاهدو ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي بچيو. ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي ته آبناءِ هرمز جي ناڪابندي وڏي ڪاميابي آهي ۽ آمريڪا ايران جي ائٽمي سگهه ختم ڪري ڇڏي آهي، هاڻي ايران نيوڪليئر سطح تائين نٿو پهچي سگهي.هن وڌيڪ چيو ته آمريڪا جنگ مڪمل طور تي کٽي چڪو آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ هڪ آمريڪي چينل سان انٽرويو ۾ چيو ته هو جنگ بندي کي وڌيڪ وڌائڻ نٿو چاهي، ۽ ايران جو مسئلو هڪ وڏي ڊيل سان ختم ٿيندو. صدر ٽرمپ چيو ته اسان ايران سان معاملن کي تمام ڪاميابي سان نڀائي رهيا آهيون، ۽ اسان ڳالهين ۾ مضبوط پوزيشن ۾ آهيون. ٽرمپ چيو ته ايران جي ناڪي بندي ڪامياب ٿي چڪي آهي، اسان وٽ هن مسئلي تي وڌيڪ وقت ناهي، ۽ جيڪڏهن ضرورت پئي ته آمريڪا فوجي ڪارروائي ڪرڻ لاءِ مڪمل طور تي تيار آهي،هن چيو ته کيس شڪ آهي ته چين آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف جنگ دوران ايران جي مدد ڪري رهيو آهي ٻئي پاسي روسي پرڏيهي وزير سرگئي لاروف چيو ته ايران کي ڪوڙن واعدن تي ٽڙڪايو ويو،ان کي ڌمڪيون ڏنيون ويون،دلاسا ڏنا ويا پر حقيقتن تي نه ڳالهايو ويو،هن چيو ته اسان جي ملڪ جي پاڪستان ۾ ايران آمريڪا امڪاني ڳالهين جي اڳڀرائي تي نظر آهي صورتحال 24 ڪلاڪن اندر 10 ڀيرا تبديل ٿي سگهي ٿي

واشنگٽن/اسلام آباد(عوامي آواز نيوز+بيورو رپورٽ)جنگ بندي جو مدو ختم، ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس جو پاڪستان وارو دورو ملتوي ٿي ويو آهي آمريڪي ميڊيا موجب ايران پاران ڳالهين بابت ڪو به جواب نه ڏيڻ سبب نائب صدر جي پاڪستان آمد کي في الحال روڪيو ويو آهي معاملي کان باخبر آمريڪي اختيارين جو چوڻ آهي ته جي ڊي وينس جو دورو ڪنهن به وقت ٻيهر طئي ٿي سگهي ٿو پر اڃا تائين اهو واضح ناهي ته ايران يا آمريڪا جو ايندڙ قدم ڪهڙو هوندو،آمريڪي ميڊيا جو چوڻ آهي ته ڳالهين جو عمل ڪنهن به وقت ٻيهر شروع ٿي سگهي ٿو پر ان لاءِ ايران جي رضا مندي ضروري آهي ٻئي طرف ايراني اختيارين جو چوڻ آهي ته آمريڪا سان ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ وفد اسلام آباد موڪلڻ بابت اڃا تائين ڪو به فيصلو ناهي ڪيو ويو جنهن ڪري سفارتي ڪوششن کي سخت ڌچڪو لڳو آهي پاڪستان پاران ٻنهي ڌرين کي ميز تي آڻڻ لاءِ ڪوششون جاري آهن پر وفدن جي آمد ملتوي ٿيڻ سان علائقي ۾ ٻيهر جنگي بادل لامارا ڏيڻ لڳا آهن،هوڏانهن آمريڪي خابرو ايجنسي ٻن علائقائي عهديدارن جو حوالو ڏيندي چيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا پاڪستان ۾ ڳالهين ۾ واپسي جا اشارا ڏنا آهن، هوڏانهن وفاقي وزير عطا تارڙ جو چوڻ آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي وچ ۾ ٿيل عارضي جنگ بندي پاڪستاني وقت موجب 22 اپريل جي صبح 4 لڳي 50 منٽن تي ختم ٿي رهي آهي،ايران پاران اسلام آباد امن ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ تصديق جو انتظار آهي،ايران پاران ڳالهين ۾ شرڪت لاءِ اڃا تائين باضابطا جواب ناهي مليو

تهران (عوامي آواز نيوز)ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي چيو آهي ته ايراني بندرگاهن جي ناڪا بندي هڪ جنگي قدم آهي ۽ اها موجوده جنگ بندي جي معاهدي جي کليل خلاف ورزي آهي سماجي رابطن جي پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ عباس عراقچي آبناءِ هرمز جي چوڌاري جاري آمريڪي سامونڊي ناڪا بندي جو حوالو ڏيندي چيو ته ايراني بندرگاهن جو گهيرو ڪرڻ دشمني ۽ جنگ کي هٿي ڏيڻ جي برابر آهي هن وڌيڪ چيو ته هڪ واپاري جهاز کي نشانو بڻائڻ ۽ ان جي عملي کي يرغمال بڻائڻ ان کان به وڏي خلاف ورزي آهي جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ قبول نه ڪيو ويندو عباس عراقچي پنهنجي عزم جو اظهار ڪندي چيو ته ايران چڱي ريت ڄاڻي ٿو ته عالمي پابندين کي ڪيئن غير اثرائتو بڻائڻو آهي ۽ پنهنجي مفادن جو دفاع ڪيئن ڪجي هن چيو ته ايران دٻاءُ جي سياست آڏو نه جهڪندو ۽ مزاحمت ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.