ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس جي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي

سکر (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ ۾ جي يو آءِ اڳواڻ شهيد ڊاڪٽر خالد محمود سومرو قتل ڪيس ۾ داخل اپيلن تي ٻڌڻي 19 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي آهي. ڪيس جي ٻڌڻي سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بئنچ جي ٻه رڪني بينچ، جسٽس  محمود اي خان ۽ جسٽس محمد عبدالرحمان تي ٻڌل بينچ ڪئي. عدالت ۾ فريادي ڌر پاران مولانا ناصر محمود سومرو، وڪيل اطهر عباس سولنگي، احسن تنيو ۽ ٻيا پيش ٿيا، جڏهن ته جوابدار ڌر جا وڪيل فاروق اي پيرزادو پڻ حاضر هئا.

ملير ايجوڪيشن سٽي اسڪينڊل، عدالت جو ڊاڪٽر عاصم ۽ ٻين کي نوٽيس

ڪراچي (رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ جي آئيني بئنچ، جنهن ۾ جسٽس عدنان الڪريم ميمڻ ۽ جسٽس ذوالفقار سانگي شامل آهن،  ملير ضلعي ۾ ايجوڪيشن سٽي جي نالي تي 30 هزار ايڪڙ کان وڌيڪ سرڪاري زمين جي مبينا غيرقانوني الاٽمينٽ واري معاملي تي ٻڌڻي ڪئي آهي. عدالت هن اهم ڪيس ۾ سنڌ حڪومت، اڳوڻي وفاقي وزير ڊاڪٽر عاصم حسين، نيب چيئرمين، چيف سيڪريٽري، ڪمشنر ڪراچي ۽ ٻين لاڳاپيل اختيارين کي نوٽيس جاري ڪندي چئن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو آهي. درخواست گذار وڪيل غلام اڪبر جتوئي موقف اختيار ڪيو ته 19 هزار 600 ايڪڙ زمين بغير ڪنهن ادائگي ۽ مبينا طور بي نامي ذريعي الاٽ ڪئي وئي، جڏهن ته ان تي ڪا به ترقياتي ڪم نه ٿيو آهي، ۽ هاڻي وڌيڪ 10 هزار ايڪڙ زمين الاٽ ڪرڻ جا انڪشاف ٿيا آهن. وڪيل الزام لڳايو ته هي عمل سپريم ڪورٽ جي پابندي جي ڀڃڪڙي آهي ۽ ان سان مقامي هارين جا حق پامال ٿيا آهن. عدالت ڪيس جي ٻڌڻي چئن هفتن لاءِ ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.