اسرائيل پاران ايران سان معاهدي ۾ رنڊڪون،آمريڪا ۾ اڳوڻن فوجين جو ٽرمپ خلاف احتجاج

لنڊن/واشنگٽن (ثقلين امام) آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٻن هفتن جي عارضي جنگ بندي جو معاهدو پنهنجي پڄاڻي تي پهچڻ وارو آهي، پر سفارتڪاريءَ جي جيڪا هڪ ننڍڙي دري کلي هئي، اها هاڻي متضاد الٽيميٽم، سامونڊي ناڪابندي ۽ جهازن جي اغوا جهڙن واقعن جي ڪري ٻيهر اونداهيءَ جو شڪار ٿي وئي آهي. ميزبان پاڪستان پاران ميز سجائي ويهڻ جي باوجود، ٻنهي ڌرين جي وفدن جي عدم موجودگي اسلام آباد ڳالهين کي  تعطل جو شڪار ڪري ڇڏيو آهي.صدر ڊونالڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي هئي ته سندس نائب صدر جي ڊي وينس، خاص ايلچي اسٽيو ويٽڪوف ۽ مشير جيرڊ ڪشنر تي ٻڌل وفد اسلام آباد روانو ٿي چڪو آهي، پر زميني حقيقتون ان جي ابتڙ آهن. ذريعن موجب آمريڪي وفد اڃا تائين آمريڪا ۾ ئي موجود آهي. ٻئي طرف، ايران جي پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر قاليباف واضح ڪيو آهي ته تهران آمريڪا جي ”دٻاءُ واري حڪمت عملي“ ۽ بحري ناڪابندي جي سائي ۾ ڪي به مذاڪرات قبول نه ڪندو، ڇاڪاڻ ته اها شڪست تسليم ڪرڻ (ڪيپيچوليشن) برابر آهي. تيل جي سپلائي ۽ بحري پائريسي جو تڪرار نار عمان ۽ آبناءِ هرمز هن وقت تڪرار جي اصل فرنٽ لائن بڻجي چڪا آهن. ايران پاران آمريڪا تي جنگ بندي جي ڀڃڪڙي ۽ ”بحري ڌاڙيل گيري“ جو الزام لڳايو ويو آهي. ايراني اختيارين موجب، آمريڪي فوج هڪ ايراني ڪارگو جهاز تي فائرنگ ڪري ان کي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي. ان جي باوجود، ايران جو ”شجاع 2“ نامي جهاز آمريڪي ناڪابندي ٽوڙي هندستان جي بندرگاهه ڏانهن وڌي رهيو آهي. انگن اکرن موجب، گذريل هفتي دوران ايران جا گهٽ ۾ گهٽ 26 ٽينڪر آمريڪي بلاڪيڊ کي چڪمو ڏئي تيل جي سپلائي جاري رکڻ ۾ ڪامياب ويا آهن. اعتماد کان تباهي تائين صدر ڊونالڊ ٽرمپ گذريل ٻن ڏينهن ۾ انتهائي متضاد بيان جاري ڪيا آهن:پهريون مرحلو: دعويٰ ڪئي ته ايران سڀ شرط مڃي ورتا آهن ۽ معاهدو تيار آهي.ٻيو مرحلو ڌمڪي ڏني ته جيڪڏهن ايران انڪار ڪيو ته ان جي هر پل ۽ پاور پلانٽ کي بمباري ڪري اڏائي ڇڏبو.ٽيون مرحلو  دعويٰ ڪئي ته ايران ۾ ”ريجيم چينج“ (حڪومت جي تبديلي) ٿي چڪي آهي ۽ ايران جي فوجي صلاحيت ختم ٿي وئي آهي. ايران انهن سمورن بيانن کي ”بدديانتي“ قرار ڏئي رد ڪري ڇڏيو آهي.واشنگٽن ۾ آمريڪي فوج جي ويٽرنز (اڳوڻن فوجين) ڪينن هائوس آفيس بلڊنگ تي قبضو ڪري احتجاج ڪيو. انهن فوجين، جن نائن اليون کانپوءِ عراق ۽ افغانستان جي جنگين ۾ حصو ورتو هو، ”ايران سان جنگ نٿي کپي“ ۽ ”آزاد فلسطين“ جا نعرا لڳايا. انهن جو چوڻ آهي ته ايران جي ناڪابندي ۽ امڪاني جنگ آمريڪي قدرن ۽ اخلاقي اختيار کي تباهه ڪري رهي آهي.بين الاقوامي معاملن جي ماهر ٽريٽا پارسي جو تجزيو آهي ته هن وقت ٽي صورتحالون ٿي سگهن ٿيون:پهريون: ڪو سخت معاهدو جنهن جو امڪان گهٽ آهي.ٻيو: مڪمل جنگ (جنهن کان ٻئي ڌريون هٻڪن ٿيون).ٽيون: ”واڪ آئوٽ“ يعني بغير ڪنهن معاهدي ۽ بغير جنگ جي ڳالهين تان هٽي وڃڻ. ٽريٽا پارسي موجب، اسرائيل جو دٻاءُ پڻ آمريڪا کي معاهدي کان روڪي رهيو آهي، ڇاڪاڻ ته اسرائيل ايران جي معيشت جي بحاليءَ کي پنهنجي لاءِ خطرناڪ سمجهي ٿو.جنگ بندي ختم ٿيڻ جي ڪلاڪن جي ويجهو پهچڻ سان دنيا هڪ عجيب تماشو ڏسي رهي آهي. هڪ پاسي ٽرمپ جي ”فتح“ جون دعوائون آهن ته ٻئي پاسي ايران پاران شڪست مڃڻ کان انڪار. جيڪڏهن عارضي وقفو ختم ٿيو ۽ ڪو نئون معاهدو نه ٿيو ته خطو هڪ وڏي جنگ جي لپيٽ ۾ اچي سگهي ٿو، جنهن جا اثر عالمي معيشت ۽ تيل جي سپلائيءَ تي انتهائي تباهه ڪندڙ هوندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.