راولپنڊي (ويب ڊيسڪ) پاڪ بحريه طرفان اينٽي شپ ويپن سسٽم تيمور ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو ويو آهي.
آءِ ايس پي آر موجب، ڪروز ميزائل جو تجربو پاڪ سامونڊي فوج جي صحيح نشاني تي وار ڪرڻ جي صلاحيت ۽ آپريشنل تيارين جو طاقتور مظهر آهي، ايئر لانچڊ ڪروز ميزائل پنهنجي مشن کي نهايت درستگي سان مڪمل ڪيو.
آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته ان تجربي دشمن جي سامونڊي خطرن جي ڳولا ڪرڻ، نشانو بڻائڻ ۽ ان کي ناڪارا بنائڻ جي پاڪ بحريه جي جنگي صلاحيتن جي توثيق ڪئي آهي.
پاڪ بحريه طرفان هي تجربو قومي دفاعي صلاحيتن ۾ اهم واڌاري جي علامت آهي.
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف، چيف آف ڊفينس فورسز سيد عاصم منير ۽ سروسز چيفس سائنسدانن ۽ انجنيئرن کي ڪامياب تجربي تي مبارڪباد پيش ڪئي.
You might also like