آبناءِ هرمز جي بندش علائقائي بحران کي بين الاقوامي بحران ۾ تبديل ڪري سگهي ٿي: قطر

دوحا (ويب ڊيسڪ) قطر جي پرڏيهي کاتي جي ترجمان ماجد الانصاري جو چوڻ آهي ته قطر اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين جي حوالي سان آمريڪا سميت سمورين ڌرين سان رابطي ۾ آهي.
ماجد الانصاري هڪ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ”اسان آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهين جي ناڪامي بابت ڳالهائڻ نٿا چاهيون.“
هن چيو ته ” سڄي دنيا انهن ڳالهين جي حمايت ڪري رهي آهي، اسان به ان ۾ شامل آهيون، اسان پاڪستان ۾ پنهنجن ڀائرن جي حمايت ڪري رهيا آهيون.“
ماجد الانصاري وڌيڪ چيو ته هڙني نار وارا ملڪ روزاني بنيادن تي مختلف ڌرين سان سڌي رابطي ۾ آهن، ڇو ته هي اسان جي علائقي جو بحران آهي، تنهنڪري اسان جا سڌي ريت رابطا آهن.“
آبناءِ هرمز جي بندش بابت ترجمان جو چوڻ هو ته ”آبناءِ هرمز جي بحران کي حل ڪرڻ ڪنهن هڪ ملڪ جي ذميواري ناهي پر سڀني ملڪن جي گڏيل ذميواري آهي، آبنائي هرمز جي لڳاتار بندش هن بحران کي علائقائي مان بين الاقوامي بحران ۾ تبديل ڪري ٿي.“

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.