واشنگٽن (ويب ڊيسڪ) پينٽاگون جو چوڻ آهي ته آمريڪي فوجن انڊو پيسفڪ خطي ۾ پابندي مڙهيل ٽينڪر خلاف ڪارروائي ڪئي آهي، جنهن جو مقصد ايران جي حمايت ڪندڙ غير قانوني نيٽ ورڪن آڏو رنڊڪ کڙي ڪرڻ آهي.
سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي هڪ پوسٽ ۾ آمريڪي دفاعي کاتي چيو ته هنن ”بنا ڪنهن واقعي جي بي وطن ۽ پابندي مڙهيل جهاز ايم ٽي ٽفاني جي جاچ، سامونڊي روڪٿام ۽ ان تي سوار ٿيڻ جي ڪارروائي ڪئي.“
وزارت ان ڪارروائي بابت تصويرن ۽ وڊيوز سان گڏ اها ڄاڻ شيئر ڪئي.
پينٽاگون جو چوڻ آهي ته هو ”دنيا ۾ سامونڊي قانون تي عملدرآمد جون ڪوششون جاري رکيون پيا اچن ته جيئن غير قانوني نيٽ ورڪن آڏو رنڊڪ کڙي ڪري سگهجي ۽ ايران کي مادي مدد فراهم ڪندڙ پابندي مڙهيل جهازن کي روڪيو وڃي، اهي جتي به سرگرم هجن.“
بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ”بين الاقوامي پاڻي پابندي مڙهيل جهازن لاءِ پناهگاهه ناهن.“
You might also like