ماٿيلي ۾ سس، سُهري ۽ ڏير سونو لاڪيٽ نه ڏيڻ تان ناري کي قتل ڪري ڇڏيو

ميرپور ماٿيلو (رپورٽ:علي وسير) ميرپور ماٿيلي ۾ دل ڏاريندڙ واقعو پيش آيو، سونو لاڪيٽ نه ڏيڻ تان ناري کي تشدد ڪري قتل ڪيو ويو، شاھ فيصل ڪالوني ۾ مبينه طور سس، سُھري ۽ ڏير بي رحماڻو تشدد ڪري 21 ورھين جي شادي شده انجھان بوزدار کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو، ميرپور ماٿيلو پوليس واقعي واري هنڌ پھچي لاش کڻائي ڊي ايڇ ڪيو اسپتال منتقل ڪيو جتان ضروري ڪارروائي بعد وارثن حوالي ڪيو ويو، مقتولا  ناري جي ڀاءُ جاڙو بوزدار ۽ ٻين احتجاج ڪندي الزام ھنيو ته چار ڏينهن اڳ انجھان بوزدار جي سس ۽  سھري احمد بوزدار ۽ ڏير حفيظ بوزدار اسان جي نياڻي کان سونو لاڪيٽ گهريو هو، انڪار ڪرڻ تي تشدد ڪيو، اين سي داخل ٿيڻ بعد ٻن جوابدارن کي گرفتار ڪيو ويو پر پوليس ڏيتي ليتي ڪري انهن کي ڇڏي ڏنو، گذريل ڏينهن سس، سُھري احمد بوزدار ۽ ڏير حفيظ بوزدار گڏجي اسان جي نياڻي کي بي دردي سان قتل ڪري ڇڏيو پر پوليس جوابدارن کان رشوت وٺڻ سبب ڪيس داخل نه ٿي ڪري جيڪو ظلم زيادتي آھي، جوابدارن خلاف دھشت گردي ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري گرفتار ڪيو وڃي ٻي صورت ۾ ايس ايس پي گھوٽڪي جي آفيس آڏو ڌرڻو ھنيو ويندو.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.