آمريڪي ڌمڪين تي پاڪستان ۾ مقرر ايراني سفير جو سخت ردعمل اچي ويو

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۾ ايراني سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته ايران کي ڌمڪين يا دٻاءَ ذريعي غير منطقي مطالبا مڃڻ تي مجبور نٿو ڪري سگهجي.
ايڪس تي جاري ڪيل بيان ۾ رضا اميري مقدم چيو ته عالمي قانونن جي ڀڇڪڙي ڪندي ناڪابندي جاري رکڻ ۽ ايران کي جنگي ڏوهن ۾ ڌمڪيون ڏيڻ ڪنهن به صورت قبول ناهي.
هن چيو رڳو بيان ڏئي اها دعويٰ ڪرڻ تي سفارتڪاري جو رستو اختيار ڪيو پيو وڃي حقيقت جي ابتڙ آهي، جيستائين ايران خلاف بحري ناڪابندي جاري رهندي، تيستائين اختلاف جاري رهندا ۽ مسئلا جو حل ممڪن نه ٿي سگهندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.