ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ڪراچي ۾ عالمي معيار جا ٽريفڪ سنگل لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.
ميئر مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته شهر جي روڊن تي سمارٽ ٽريفڪ سگنل لڳايا ويندا، ميونسپل ڪمشنر سمارٽ سگنلز جي خريداري جو مرحلو جلد شروع ڪن.
هن ٻڌايو ته پهرئين مرحلي ۾ ريڊ زون ۽ آءِ آءِ چندريگر روڊ کي ماڊل بڻايو ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ايم اي جناح روڊ ۽ پوءِ شهر جي مختلف اهم روڊن تي ڪم ٿيندو.
سندس چوڻ هو ته شهر ۾ بنيادي انفرا اسٽرڪچر سان گڏ ٽريفڪ قانونن تي عملدرآمد ضروري آهي، ٽريفڪ کي اثرائتي طريقي سان ريگوليٽ ڪيو وڃي ته اڌ مسئلا پاڻ ئي حل ٿي ويندا.
Next Post
You might also like