سريلنڪن ڪپتان داسن شاناڪا مٿان پي ايس ايل کيڏڻ تي پابندي

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (پي سي بي ) معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪرڻ تي سريلنڪن ڪرڪيٽر داسن شاناڪا مٿان پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) کيڏڻ تي هڪ سال جي پابندي مڙهي ڇڏي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، پي ايس ايل 11 لاءِ لاهور قلندرز جي داسن شاناڪا ايونٽ تان هٿ کڻي معاهدي جي ڀڃڪڙي ڪئي، جنهن کانپوءِ کيس ايندڙ سال پي ايس ايل 12 ۾ شرڪت لاءِ نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
پي سي بي جو چوڻ آهي ته معاهدي جي ڀڃڪڙي تي سخت ڪارروائي ڪئي وئي آهي، داسن شاناڪا جو پي ايس ايل 11 تان هٿ کڻڻ قانونن جي واضح ڀڃڪڙي آهي.
پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ موجب، پي ايس ايل جي ساک ۽ معيار برقرار رکڻ پهرين ترجيح آهي.
پي سي بي موجب، داسن شاناڪا چيو آهي ته ”مون کي پي ايس ايل تان هٿ کڻڻ جي پنهنجي فيصلي تي دلي طور افسوس آهي ۽ پاڪستاني عوام، مداحن ۽ سموري ڪرڪيٽ برادري کان دل سان معافي گهران ٿو.“
داسن شاناڪا واضح ڪيو ته پي ايس ايل هڪ ساک واري ٽورنامينٽ آهي ۽ مان سمجهان ٿو ته منهنجي عمل سبب مداحن کيا مايوسي ٿي، لاهور قلندرز جي مداحن کان خاص طور معذرت خواهه آهيان ته مون کين مايوس ڪيو.
داسن شاناڪا موجب، ايونٽ تان هٿ کڻڻ وقت منهنجو ڪنهن ٻئي ٽورنامينٽ ۾ شامل ٿيڻ جو ڪو ارادو نه هو.
پاڪستاني مداحن لاءِ منهنجي دل ۾ تمام گهڻو احترام آهي ۽ مون هميشه پاڪستان ۾ گهاريل وقت انجواءِ ڪيو آهي، اميد آهي ته مستقبل ۾ نئين جذبي ۽ مداحن جي اعتماد سان پي ايس ايل ۾ واپسي ممڪن ٿي سگهندي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.