ڪراچي(ويب ڊيسڪ) وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ڪڻڪ وڪري جي حد ختم ڪرڻ جو فيصلو ڪندي ڪڻڪ جي خريداري مهم تيز ڪرڻ ۽ آبادگارن کي فوري ادائيگيون يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪري ڇڏي.
وڏي وزير مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ ڪڻڪ جي خريداري بابت اجلاس ٿيو، جنهن ۾ هن ڪڻڪ وڪري جي حد ختم ڪرڻ جو وڏو فيصلو پڻ ڪيو.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته هاڻي ننڍا آبادگار بنا ڪنهن پابندي جي ڪڻڪ وڪرو ڪري سگهندا.
هن چيو ته في ايڪڙ پنج ٻورين واري شرط ختم ڪرڻ سان هارين کي وڏو ريليف ملندو.
ان کانسواءِ وڏي وزير ڪڻڪ جي خريداري مهم تيز ڪرڻ ۽ آبادگارن کي فوري ادائيگيون يقيني بڻائڻ جي هدايت پڻ ڏني.
اجلاس ۾ خوراڪ واري وزير مخدوم محبوب الزمان بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته ڪڻڪ جي خريداري مهم پهرين اپريل کان جاري آهي.
سنڌ حڪومت 10 لک ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جڏهن ته صوبي ۾ اٽڪل 19 لک 40 هزار ايڪڙن تي ڪڻڪ پوکي وئي آهي.
وڏي وزير ادائيگين واري نظام تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته وقت سر ادائيگي هارين جي اعتماد لاءِ انتهائي اهم آهي.
هن هدايت ڪئي ته سمورن اهل آبادگار پنهنجي ڪڻڪ سرڪاري خريداري مرڪزن تي وڪرو ڪن ته جيئن غذائي تحفظ کي يقيني بڻائي سگهجي.
وڏي وزير جو چوڻ هو ته حڪومت کي ڪڻڪ وڪرو ڪندڙ آبادگار مستقبل ۾ ملندڙ سبسڊي جا اهل هوندا.
You might also like