اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان فلم انڊسٽري جي اڳوڻي مشهور اداڪارا ۽ پروڊيوسر ريما خان انڪشاف ڪيو آهي ته هن ماضيءَ ۾ هڪ مشهور اداڪارا کي چماٽ هنئي هئي.
خانگي ٽي وي چئنل جي پوڊ ڪاسٽ ۾ ڳالهائيندي ريما خان ٻڌايو ته اهو واقعو فلم ”مِس استنبول“ جي شوٽنگ دوران پيش آيو.
اداڪارا جو چوڻ هو ته مان هڪ انٽروورٽ شخصيت جي مالڪ هيس ۽ هميشه پنهنجي ڪم تي ڌيان ڏيندي هيس، پر جواني ۾ جذبن تي ظابطو رکڻ ڏکيو هوندو آهي.
ڳالهه جاري رکندي هن ٻڌايو ته هڪ ساٿي اداڪارا ساڻس بدتميزي ڪئي ۽ ٻه ڀيرا اڻ وڻندڙ ٻولي استعمال ڪئي، جنهن تي هوءَ آپي مان نڪري وئي ۽ سڀني جي سامهون کيس چماٽ وهائي ڪڍي.
ريما خان ان عمل تي افسوس جو اظهار ڪندي چيو ته مان اڄ به ان واقعي تي شرمسار آهيان ۽ مونکي صبر ڪرڻ گهرجي ها، ڪڏهن ڪڏهن پلاند خدا تي ڇڏي ڏيڻ گهرجي.
هن اهو پڻ واضح ڪيو ته فلم انڊسٽري ۾ نمبر ون يا نمبر ٽو اداڪارا وارو بحث اداڪارائن نه پر صحافين شروع ڪيو هو.
واضح رهي ته ريما خان پنهنجي ڪيريئر شروعات فلم ”بلندي“ کان ڪئي، جنهن کانپوءِ هن ڪوئي ”تجهه سا ڪهان“، ”زمين آسمان“، ”جو ڊر گيا وه مر گيا“، ”چور مچائي شور“، ”هاٿي ميري ساٿي“ ۽ ”نڪاح“ جهڙين فلمن ذريعي شهرت ماڻي.