نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) افغانستان ڪرڪيٽ ٽيم جي ڪپتان ۽ اسٽار ڪرڪيٽر راشد خان انڪشاف ڪيو آهي ته کيس ٻن ملڪن طرفان شهريت ۽ ڪرڪيٽ کيڏڻ جي آڇ ڪئي وئي هئي پر هن صاف انڪار ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا جي رپورٽ موجب،راشد خان اهو انڪشاف پنهنجي ڪتاب” راشد خان: فرام اسٽريٽ ٽو اسٽارڊم“ ۾ ڪيو آهي.
ڪرڪيٽر موجب، 2023ع ۾ آءِ پي ايل سيزن دوران جڏهن هو ڀارت ۾ موجود هو ته تڏهن هڪ ٽيم آفيشل کيس چيو ته ڀارتي ڪرڪيٽ ٽيم جا سينيئر عهديدار ساڻس ملڻ چاهين ٿا.
راشد خان چيو ته ”مان ويس ۽ ساڻن ملاقات ڪئي، اسان ڳالهه ٻولهه شروع ڪئي ته هنن مون کي چيو ته تنهنجي ملڪ افغانستان جون حالتون ڏاڍيون خراب آهن، هتي ڀارت ۾ اچي رهه، توکي سمورا گهربل ڀارتي دستاويز فراهم ڪي اويندا، هتي رهو ۽ اسان جي ملڪ جي طرفان ڪرڪيٽ کيڏو.“
افغان ڪرڪيٽر جو چوڻ هو ته ” ڀارتي عهديدارن جون ڳالهيون ٻڌي مان مان حيران هيس ۽ سمجهه ۾ نه پئي آيو ته ڪهڙو ردعمل ڏيان، پر مون مرڪي چيو ته وڏي مهرباني! مان پنهنجي ملڪ افغانستان لاءِ ئي کيڏندس.“
راشد خان وڌيڪ چيو ته کيس اهڙي ئي آڇ آسٽريليا طرفان به ٿي چڪي آهي پر هن واضح لفظن ۾ انڪار ڪندي چيو ته جيڪڏهن هو پنهنجي وطن افغانستان جي طرفان نه کيڏندو ته هو ڪرڪيٽ ئي نه کيڏندو.“