ايران جو آمريڪا سان ڳالهين کان انڪار، پاڪستان نه وڃڻ جو اعلان

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا سان ٻئي دور جي ڳالهين لاءِ ايراني وفد پاڪستان نه ويندو، ايران جو ڳالهين ۾ شرڪت ڪرڻ جو ڪو به ارادو ناهي.
اسماعيل بقائي چيو ته آمريڪا جنگبندي جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي، اسان پاڪستاني ٽياڪڙ کي ٻڌائي ڇڏيو آهي ته ڳالهين لاءِ اسلام آباد نه پيا اچون، جيڪڏهن آمريڪا ٻيهر اڳرائي ڪئي ته ڀرپور جواب ڏنو ويندو. هن چيو ته آمريڪا ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته هو سفارتي عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ سنجيده ناهي، آمريڪا جارحاڻي ڪارروائيون ڪري جنگبندي شرطن جي ڀڃڪڙي ڪئي آهي.
ايراني پرڏيهي کاتي جي ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪي تجويزون غير سنجيده ۽ ان جا مطالبا غير حقيقي آهن، ايران پنهنجا مطالبا واضح طور بيان ڪيا آهن ۽ جنهن ۾ ڪنهن به قسم جي ڦيرڦار نه ٿيندي.
اسماعيل بقائي جو چوڻ هو ته جڏهن ايران جي قومي مفادن جي تحفظ جي ڳالهه اچي ٿي ته اسان ڊيڊ لائينز يا الٽيميٽم تي يقين نٿا رکون، جيڪڏهن آمريڪا ۽ اسرائيل نئين جارحيت شروع ڪرڻ چاهين ٿا ته اسان جون هٿياربند فوجون ان جو جواب ڏينديون.
هن چيو ته آمريڪي ۽ اسرائيلي حملن کان اڳ آبناءِ هرمز محفوظ هو، پاڪستاني ٽياڪڙ جي وضاحت باوجود آمريڪا چيو ته لبنان ۾ جنگبندي معاهدي جو حصو نه هو، آمريڪا سامونڊي ناڪابندي ڪري ايراني بحري جهاز تي حملو ڪيو، آمريڪي قدم جنگبندي ۽ بين الاقوامي قانونن جي ڀڃڪڙي آهي.
ترجمان وڌيڪ چيو ته آمريڪا ٻه ڀيرا ڳالهين جي ڀڃڪڙي ڪئي، آمريڪا ايران تي حملو ڪيو، ايرانين کي قتل ڪيو، انفرااسٽرڪچر کي تباهه ڪيو، موجوده جنگي صورتحال سبب آبناءِ هرمز ۾ سامونڊي چُر پُر هڪ طرفي طور تي معمول تي آڻڻ ممڪن ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.