سويڊن ڪلاس رومز ۾ وڏي تبديلي لاءِ 100 ملين يورو کان وڌيڪ رقم رکي رهيو آهي، شاگردن جي گهٽجندڙ ڪارڪردگي بهتر ڪرڻ ۽ ڌيان وڌائڻ لاءِ ٽيبليٽس ۽ اسڪرينن جي جاءِ تي روايتي ڇپيل درسي ڪتاب آندا پيا وڃن۔ ڊجيٽل بنيادن واري تعليم کي هڪ ڏهاڪي کان وڌيڪ وقت تائين اختيار ڪرڻ کان پوءِ، هاڻي سويڊن جون اختيارين وري ڪاغذي سکيا ڏانهن موٽي رهيون آهن۔ تعليم واري وزارت موجب سرڪاري انگن اکرن ۽ تازين تحقيقن مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪلاس ۾ ڊگهي وقت تائين اسڪرين استعمال ڪرڻ سان ڌيان گهٽجڻ، پڙهڻ جي سمجهه ڪمزور ٿيڻ، ۽ تنقيدي سوچڻ جي صلاحيت گهٽجڻ سان لاڳاپو مليو آهي۔
تحقيق مان لڳاتار اهو معلوم ٿيو آهي ته روشن اسڪرينن تي پڙهڻ لاءِ ذهن کي وڌيڪ محنت ڪرڻي پوي ٿي ۽ ان دوران وڌيڪ ڌيان ڀٽڪڻ جا امڪان هوندا آهن، جڏهن ته ڇپيل ڪتابن سان سکيا وڌيڪ سڪون ڀري، سادي ۽ ترتيبوار هوندي آهي۔ انهن سببن کي تازن سالن ۾ تعليمي نتيجن جي گهٽتائي سان جوڙيو پيو وڃي۔ نئين منصوبي تحت هر شاگرد کي سڀني بنيادي مضمونن لاءِ ڇپيل درسي ڪتاب ڏنا ويندا، ۽ ڪتابن کي ٻيهر سکيا جو بنياد بڻايو ويندو۔ ڊجيٽل ڊوائيسز ۽ آن لائن وسيلا مددگار اوزار طور موجود رهندا، پر اهي هاڻي روزاني تدريس تي حاوي نه رهندا۔
هي 100 ملين يورو کان وڌيڪ سيڙپڪاري تعليم ۾ ٽيڪنالاجي جي ڪردار تي ٻيهر سوچڻ ۾ سويڊن جي اڳواڻي ظاهر ڪري ٿي۔ اهو سڄي دنيا ۾ وڌندڙ شعور کي اجاگر ڪري ٿو ته جيتوڻيڪ اسڪرينون رفتار ۽ رسائي ڏين ٿيون، پر ڪتابن سان عملي، بغير رنڊڪن واري وابستگي وڌيڪ گهرو ڌيان، بهتر يادگيري، ۽ ڊگهي مدي واري اثرائتي سکيا کي هٿي ڏئي ٿي۔ پڪسلن بدران ڪاغذ کي چونڊي، سويڊن هڪ وڌيڪ متوازن ۽ عملي ثبوتن تي ٻڌل ڪلاس روم مستقبل ڏانهن رستو هموار ڪري رهيو آهي، اهڙو مستقبل جيڪو بنا جاچيل ڊجيٽل لاڙن بدران ثابت ٿيل تدريسي اصولن کي ترجيح ڏئي ٿو۔
(رين ميڪر جي ٿورن سان)