ابوظهبي(عوامي آواز نيوز)متحده عرب امارات آبناءِ هرمز کي مڪمل ۽ بنا شرط کولڻ جو مطالبو ڪيو آهي، ۽ چيو آهي ته اها عالمي گزرگاهه ڪنهن هڪ ملڪ جي ڪنٽرول ۾ نه هئڻ گهرجي۔واشنگٽن ۾ ٿيل هڪ عالمي معاشي ڪانفرنس دوران اماراتي بين الاقوامي تعاون بابت مملڪتي وزير ريم الهاشمي چيو ته آبناءِ هرمز عالمي سطح تي گڏيل مفاد جي رستي طور ڏٺو وڃي، جتي سڀني ملڪن کي برابر رسائي هجڻ گهرجي۔هن وڌيڪ چيو ته آبنائي هرمز عالمي توانائي جي فراهمي لاءِ انتهائي اهم رستو آهي، جتان دنيا جي لڳ ڀڳ پنجين حصي جيتري توانائي گذري ٿي، ۽ اهو ڪيترين اهم شين جي اچ وڃ لاءِ به اهم حيثيت رکي ٿو۔ريم الهاشمي ايران سان لاڳاپيل صورتحال بابت چيو ته اماراتي سماج هڪ ڀيرو ٻيهر ثابت ڪيو آهي ته متحده عرب امارات جي طرزِ زندگي نه صرف خوشحالي پر حفاظت به مهيا ڪري ٿي، جيڪا ملڪ جي قيادت ۽ قومي جذبي جي عڪاس آهي۔هن اهو به اعلان ڪيو ته متحده عرب امارات ايندڙ ڏهن سالن دوران آمريڪا ۾ وڌيڪ 1.4 ٽريلين ڊالر سيڙپڪاري ڪندو۔ سندس چوڻ هو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ شراڪت وڌيڪ مضبوط ٿي رهي آهي، ۽ تازين علائقائي ڇڪتاڻن هن لاڳاپي کي وڌيڪ ويجهو آندو آهي۔