گلشن معمار ۾ جهيڙو، فائرنگ، 2 ڄڻا قتل، 4 زخمي

ڪراچي (رپورٽر) ڪراچي ۾ گلشن معمار رينبو ٽاور ويجهو ڌڻي بخش ڳوٺ ۾ ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران فائرنگ جي واقعي ۾ 2 ڄڻا قتل ٿي ويا ۽ 4 ماڻهو زخمي ٿي پيا، مقتولن جي لاشن ۽ زخمين کي ڇيپا ايمبولينس  ذريعي عباسي اسپتال منتقل ڪيو ويو، پوليس موجب قتل ٿيل ٻنهي ڄڻن جي 40 ورهين جي جلات ولد اشرف عمر ۽ محرم گل طور ڪئي وئي، پوليس عملدارن موجب زخمين ۾ 30 ورهين جو نومان ولد مشرنگ عمر، 60 ورهين جو مشرنگ ولد چنار گل عمر، 55 ورهين جو وطن گل ولد صمن گل عمر، ۽ 40 ورهين جو ارشاد ولد وطن گل عمر شامل آهن، علائقي ۾ ڏهڪاءُ واري صورتحال پيدا ٿي وئي، جڏهن ته ان سلسلي ۾ ٻڌايو ويو ته مارجي ويل ۽ زخمي ۽ فائرنگ ڪندڙ پاڻ ۾ مائٽ آهن، فائرنگ ۾ ملوث واصف ولد فقير گل کي گرفتار ڪيو ويو آهي، ٻئي پاسي صوبائي گهرو وزير ضياءُ الحسن لنجار واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس عملدارن کي جوابدارن جي گرفتاري جي هدايت ڪئي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.