صنعا (م ڊ) يمن جي حوثي باغين ڳاڙهي سمنڊ ۾ بحري جهازن کي نشانو بڻائڻ جي کلي ڌمڪي ڏيندي پنهنجي فوج کي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏيو آهي. حوثي حڪومت جي بچاءُ واري وزير ميجر جنرل محمد العاطفي چيو آهي ته يمني عوام خلاف ڪنهن به قسم جي جارحيت کي برداشت نه ڪيو ويندو ۽ دشمن کي ڀرپور جواب ڏنو ويندو. پنهنجي بيان ۾ هن وڌيڪ چيو ته آمريڪي ۽ صهيوني دشمن خلاف مزاحمتي قوتن جو اتحاد ۽ عسڪري حڪمت عملي اثرائتي ثابت ٿي رهي آهي. حوثي قيادت واضح ڪيو آهي ته اهي مارچ کان آمريڪا ۽ اسرائيل خلاف جاري جنگ ۾ باقاعده شامل آهن ۽ اسرائيل جي حساس فوجي ٺڪاڻن تي بيلسٽڪ ميزائلن ۽ ڊرونز سان حملا جاري رکيا ويندا.