ڪيريئر جي منڍ ۾ فلمساز ڪِريل حرڪت ڪئي، نيون ڇوڪريون احتياط ڪن: ڊيزي شاهه

ممبئي (ويب ڊيسڪ) بالي ووڊ اداڪارا ڊيزي شاهه پنهنجي ڪيريئر جي شروعات ۾ پيش آيل هڪ انتهائي افسوسناڪ واقعي جو انڪشاف ڪيو آهي.
هڪ تازي انٽرويو ۾ اداڪارا انڪشاف ڪيو ته ڪيريئر جي شروعاتي ڏينهن ۾ هڪ آڊيشن جي موقعي تي اڻ وڻندڙ صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.
هن چيو ته ڪاسٽنگ جي موقعي تي ڏکڻ فلمساز سان ملڻ وئي هيس پر ملاقات دوران اڻ وڻندڙ واقعو پيش آيو، مون کي فلمساز غلط طريقي سان ڇُهيو هو، هو ڪاسٽنگ لاءِ ممبئي آيل هو ۽ اسان 6 کان 7 ڇوڪريون ان سان ملڻ ويون هيون سين.
سندس موجب ان تجربي مون کي ذهني طور پريشان ڪيو ۽ فلمي صنعت ۾ نون ايندڙ فنڪارن کي پيش چيلينجن جو احساس ڏياريو.
ڊيزي شاهه چيو ته ان واقعي کانپوءِ مان فوري طور اتان نڪرڻ ۾ ڀلائي سمجهي ۽ پنهنجي وقار تي سمجهوتو ڪرڻ بنا ڪم ڇڏڻ کي ترجيح ڏني.
هن اڀرندڙ فنڪارن، خاص طور ڇوڪرين کي مشورو ڏنو ته اهي احتياط ڪن، سدائين ڪنهن اعتماد جوڳي ساٿي کي گڏ رکن ۽ پنهنجي تحفظ کي ترجيح ڏين، ڪاميابي لاءِ عزت کي داءَ تي لڳائڻ ڪنهن به ريت درست ناهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.