اسلام آباد(عوامي آواز نيوز)اڳوڻي سينيٽر مشاهد حسين سيد پنهنجي ايڪس(ٽوئيٽر) اڪائونٽ تي لکيو آهي ته پاڪستان خطي ۾ امن قائم ڪرڻ لاءِ وڏي ڪاميابي حاصل ڪئي آهي.هن چيو ته آمريڪا اسرائيل کي لبنان ۾ جنگ بندي قبول ڪرڻ تي مجبور ڪيو، جيڪو تهران (ايران) سان اڳتي وڌڻ لاءِ هڪ اهم شرط هو. ان کان پوءِ ايران به ردعمل طور آبناءِ هرمز کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن سان آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ جنگ ختم ٿيڻ جي راهه هموار ٿي آهي.مشاهد حسين سيد موجب اهو سڄو عمل پاڪستان جي ٽياڪڙي سان ممڪن ٿيو آهي، ۽ هن ان کي “مدر آف آل ڊيلز” قرار ڏيندي لکيو انشاءَ الله