پيونگ يانگ (ويب ڊيسڪ) اتر ڪوريا ۾ تعليمي سال 2026 جي شروعات تي متعارف ڪرايل نئين چونڊ مضمون ۾ شاگردن جي وڏي انگ جي ناڪامي کانپوءِ حڪمران جماعت ورڪرز پارٽي آف ڪوريا سينئر مڊل اسڪولن جو نظام وڌيڪ سخت ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب نئين سيمسٽر جي شروعات کانپوءِ ورتل اسپيشلائيزيشن ٽريڪ امتحانن دوران شاگردن جو وڏو انگ ناڪام ٿي ويو.
صوبائي پارٽي ڪميٽي جي تعليم کاتي سخت تنبيهه جاري ڪندي چيو آهي ته جيڪي شاگرد گهربل سطح تي پورا نه لهندا، انهن کي ڪوئلي جي کاڻن يا تعميراتي هنڌن تي مقرر ڪيو ويندو.
اتر ڪوريا ۾ هن سال سڀني سينئر مڊل اسڪولن ۾ چونڊ مضمون جو نظام لاڳو ڪيو ويو هو ته جيئن اهو جائزو وٺي سگهجي ته اهو شاگردن لاءِ مناسب آهي يا نه.
جڏهن نتيجا اميدن جي ابتڙ نڪتا ته پارٽي اختيارين صورتحال کي غير معمولي قرار ڏنو ۽ فوري طور سڄي صوبي جي اسڪولن ۾ جاچ ٽيمون موڪلي ڇڏيون.
You might also like