جدهه/دوحا/انطاليا(م ڊ) وزيراعظم شهباز شريف پنهنجي امن مشن جي ٽئين مرحلي تي ترڪي جي شهر انطاليا پهتو آهي. وزيراعظم آفيس موجب، انطاليا جي گورنر هولوسي سهين وزيراعظم ۽ پاڪستاني وفد جو هوائي اڏي تي گرمجوشي سان استقبال ڪيو. ترڪي ۾ پاڪستان جي سفير يوسف جنيد ۽ اعليٰ سفارتي عملدار پڻ ان موقعي تي موجود هئا. وزيراعظم اڄ پنجين انطاليا ڊپلوميسي فورم ۾ شرڪت ڪندو. فورم دوران، وزيراعظم فورم ۾ پاڪستان جو نقطه نظر پيش ڪرڻ لاءِ "ليڊرز پينل” ۾ شرڪت ڪندو. وزيراعظم جي ترڪي جي صدر رجب طيب اردگان ۽ ٻين اهم عالمي اڳواڻن سان ٻطرفي ملاقاتن جي به اميد آهي. نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار، اطلاعات ۽ نشريات جو وزير عطاءُ الله تارڙ، خاص مددگار طارق فاطمي ۽ وزيراعظم جو بين الاقوامي ميڊيا لاءِ ترجمان مشرف زيدي پاڪستاني وفد ۾ وزيراعظم سان گڏ آهن. ان کان اڳ، وزيراعظم قطر جي دوري دوران قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني سان ملاقات ڪئي ۽ خليج جي صورتحال تي بحث ڪيو. هن موقعي تي بحث ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ تڪرار گهٽائڻ ۽ ڳالهين جي اهميت تي زور ڏنو ويو. وزيراعظم هڪ ڀيرو ٻيهر قطر ۽ ٻين خليج ملڪن تي حملن جي مذمت ڪئي.امن مشن جي پهرين مرحلي ۾، وزيراعظم گذريل رات جده ۾ سعودي ولي عهد محمد بن سلمان سان ملاقات ڪئي هئي.