ٽرمپ جي پوپ ليو ۽ اٽلي جي وزيراعظم تي ٻيهر تنقيد

واشنگٽن(عوامي آواز نيوز)آمريڪي صدر ٽرمپ هڪ ڀيرو ٻيهر پوپ ليو کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي اطالوي وزيراعظم تي به سخت تنقيد ڪئي آهي۔ٽرمپ چيو ته پوپ ليو کي ايران جي ايٽمي خطري بابت ڪا ڄاڻ ناهي، ۽ هن کي جنگين بابت ڳالهائڻ نه گهرجي، ڇاڪاڻ ته کيس دنيا جي حالتن  جو به صحيح اندازو ناهي۔آمريڪي صدر جارجيا ميلوني تي به تنقيد ڪندي چيو ته هوءَ پاڻ “ناقابلِ قبول” آهي، ڇاڪاڻ ته سندس خيال ۾ ميلوني کي ايران وٽ ايٽمي هٿيار هجن يا نه، ان بابت ڪا فڪر ناهي۔ٽرمپ وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن ايران کي موقعو ملي ته هو ٿوري وقت ۾ اٽلي کي نقصان پهچائي سگهي ٿو، پر ميلوني ان معاملي کي سنجيدگي سان نه وٺي رهي آهي۔واضح رهي ته ٽرمپ ماضي ۾ جارجيا ميلوني جي واکاڻ به ڪندو رهيو آهي، پر هاڻي هن سندس موقف تي سخت تنقيد ڪئي آهي ٻئي پاسي  اٽلي جي سياستدانن پنهنجي وزيراعظم جارجيا ميلوني جي حق ۾ آواز بلند ڪري ڇڏيو آهي۔اٽلي جي پرڏيهي وزير انتونيو تاجاني چيو آهي ته ملڪ مغربي اتحاد جو سچو حامي ۽ آمريڪا جو پڪو اتحادي آهي، پر اهو اتحاد وفاداري، احترام ۽ باهمي سچائي تي قائم هجڻ گهرجي۔هن پوپ ليو تي تنقيد جي حوالي سان ميلوني جي موقف جي حمايت ڪندي چيو ته پوپ بابت هن جيڪو ڪجهه چيو آهي، اهو دراصل اٽلي جي ڪيترن ئي شهرين جي سوچ جي نمائندگي ڪري ٿو۔هي بيان اهڙي وقت ۾ آيو آهي جڏهن ٽرمپ جي تنقيد کان پوءِ ميلوني تي سياسي بحث شدت اختيار ڪري ويو آهي، ۽ اٽلي اندر سندس حمايت ۽ مخالفت ٻنهي ۾ اضافو ٿيو آهي۔

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.