ڀرياسٽي (ن ع آ)پاڪستان پيپلزپارٽي عوام جو گوشت کائي ڇڏيو آهي هاڻ هڏين جو سرمو ٺاهي انهي پويان پئجي ويا آهن اگر فيئر اليڪشن نه ٿي سگهي ته پوءِ اربين کربين رپيا خرچ ڪرڻ جو ڪهڙو فائدو ؟پيٽرول ڊيزل اگهن عوام جو متيون مجهائي ڇڏيون آهن۔بدامني چوٽ چڙهيل آهي، حڪمران پئسا وٺي پوسٽون رکرائيندا ته ڪٿان انصاف ٿيندو اهڙن خيالن جو اظهار نيشنل پيپلزپارٽي جي سربراهه غلام مرتضيٰ جتوئي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي ڪيو،هو ڀرياسٽي جي ڳوٺ الله ورايو وسطڙو ۾ پ پ شهيد جي اڳواڻ نثار وسطڙو جي رهائش گاهه تي مسرور خان جتوئي ۔سيد عابد شاه شڪيل جلباڻي سان گڏ پهتو،جتي غلام مرتضيٰ خان جتوئي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ضمني اليڪشن ڍونگ آهي کٽڻ وارن هارائڻ وارن ٻنهي کي اندازو نه هوندو آهي،هاڻ عوام جو جمهوريت تان ۽ اليڪشنن تان اعتماد ختم ٿيندو پيو وڃي هن وڌيڪ چيو ته ڪورٽ مان هرڪنهن کي انصاف ملڻ گهرجي پر هتي بدقسمتي سان عوام جو عدالت تان اعتماد کڄي ويو آهن۔پوري سنڌ کي هٿ وٺي تباهه ڪيو ويو سنڌ ۾ غلط ماڻهون اچڻ جي ڪري صوبو پنجاهه سال پوئتي ڌڪيو ويو آهي،پ پ سياسي مخالفن کي ذاتي دشمن سمجهي ٿيايران اسرائيل جي جنگ سڀ ملڪ متاثر ٿيا آهن ۔عالمي جنگ ۾ عالمي بحران ٿيو پاڪستان جنگ ۾ جيڪو ٽياڪڙي جو ڪردار ادا ڪيو آهو ساراه جوڳو عمل عمل آهي سٺي مهمان نوازي ڪئي آهي،هن چيو ته باقي مهانگائي سبب ڊيزل ۽ پيٽرول مهانگائي سبب مونکي به اليڪٽرڪ گاڏي وٺڻي پوندي۔اميد آهي ته عالمي معاملا بهتري طرف ويندا.