ميرپورخاص(بيورورپورٽ) ميرپورخاص جي خانگي محمد ميڊيڪل ڪاليج جي استاد ۽ شاگردن جي هراسمينٽ سبب آپگھات ڪندڙ شاگردياڻي فهميده لغاري واري هاءِ پروفائل ڪيس جي آءِ جي سنڌ پاران ايس ايس پي ٽيڪنيڪل سهائي عزير جي اڳواڻي ۾ ايس ايس پي سجاول علينا راڄپر، ڊي ايس پي آر اي ايف / سي ايم يو حيدرآباد سراج الدين لاشاري، انسپيڪٽر فياض حسين ۽ ڪيس جي جاچ آفيسر انسپيڪٽر ڪامران هاليپوٽو تي جوڙيل ٽيم گذريل ڏينهن ميرپورخاص پهتي ۽ ايس ايس پي ميرپورخاص سيد فدا حسين شاهه سان سندس آفيس ۾ ملاقات ڪري ڪيس جي حوالي سان ڄاڻ ورتي ۽ جوابدارن جي گرفتاري سميت مختلف رخن تي ڳالھه ٻولھه ڪرڻ بعد ٽيم هراسمينٽ جو شڪار بڻيل شاگردياڻي فهميده لغاري جي گھر پهتي جتي ٽيم فهميده جي امڙ، والد ۽ ٻين سان تعزيت ڪئي، تعزيت بعد پهتل ٽيم فهميده جي والد، امڙ ۽ ڪيس جي فريادي فهميده جي مامي افتخار جا بيان ورتا ۽ وارثن کي ڪيس ۾ مڪمل انصاف جي فراهمي ۽ ملوث جوابدارن کي سخت سزا ڏيارڻ لاءِ قانون موجب ڪاروائي ڪرڻ جي خاطري ڪرائي، جاچ ٽيم جي سربراهه ايس ايس پي سهائي عزيز چيو ته فهميده لغاري جو ڪيس هاءِ پروفائل ڪيس آهي، آءِ جي صاحب جي هدايتن تي ڪيس جي جاچ لاءِ آيا آهيون ٽيڪنيڪل سپورٽ به اسان گڏ آهي، اڄ تائين جن به ڪيسن جي جاچ ڪئي آهي ميرٽ تي ڪئي آهي، هن ڪيس کي به ميرٽ تي حل ڪري متاثرن کي انصاف فراهم ڪرايو ويندو، هن ڪيس جي هر رخ تي جاچ ڪنداسين گھڻ رخي جاچ ڪنداسين، هي صرف فهميده لغاري جو نه پر سنڌ ۾ پڙهندڙ هر نياڻي جو ڪيس آهي جيڪا تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ تعليمي ادارن ۾ وڃي ٿي، هراسمينٽ جا ڪيس سامهون آيا آهن جيڪي ڳڻتي جوڳا آهن هن چيو ته ڪيس ۾ نامزد ٻه جوابدار گرفتار آهن ۽ ٻن ضمانت حاصل ڪئي آهي هڪ فرار آهي ان کي پڻ جلد گرفتار ڪيو ويندو، في الحال اسان فهميده جي وارثن سان ملاقات ڪري انهن سان تعزيت ڪرڻ سان گڏ سندن بيان پڻ ورتا آهن، اسان کي جڏهن ۽ جنهن جي بيان جي ضرورت پوندي انهن سان ملي انهن جا بيان ورتا ويندا، هراسمينٽ کي روڪڻ لاءِ يونيورسٽين ۾ سيل قائم آهن انهن کي فحال رکڻ ضروري آهي ۽ شاگردياڻين سان هراسمينٽ ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪئي ويندي، ٻي طرف فهميده لغاري جي ڪيس ۾ پوليس پاران فرار ڄاڻايل ڪس جي نامزد شاگرد جوابدار عبدالله کي پوليس گرفتار ڪرڻ ۾ هن وقت تائين ناڪام رهي آهي جڏهن ته سندس جوابدار پوليس جي حراست ۾ هجڻ جي اطلاعن جي باوجود پوليس جوابدار جي گرفتاري کان انڪاري آهي، ٻئي پاسي