پاڪستان ذميوار ۽ اهم رياست طور پنهنجي حيثيت کي وڌيڪ مضبوط ڪيو آهي:صدر آصف علي زرداري

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ڪئي، جنهن ۾ آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ٿيل ڳالهين جي سمورن رخن تي کيس اعتماد ۾ ورتو ويو. وزيراعظم صدر کي ڳالهين جي مختلف مرحلن ۽ پاڪستان جي ٽياڪڙي جي نتيجي ۾ حاصل ٿيندڙ اڳڀرائي بابت تفصيلي بريفنگ ڏني. ملاقات دوران وزيراعظم شهباز شريف صدر کي پنهنجي ايندڙ سعودي عرب ۽ ترڪيه جي دورن بابت به آگاهه ڪيو. ان موقعي تي صدر آصف علي زرداري چيو ته جنگ  جا اثر خطي سميت عالمي سيڪيورٽي، معيشت ۽ سياست تي پيا آهن. هن آمريڪا ايران ڳالهين جي ميزباني لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوششن، وزيراعظم، فيلڊ مارشل ۽ سمورن رياستي ادارن جي ڪردار کي ساراهيو. صدر وڌيڪ چيو ته پاڪستان هڪ ذميوار ۽ اهم رياست طور دنيا آڏو پنهنجي امن پسند هجڻ جو ثبوت ڏنو آهي، جنهن سان ملڪي وقار ۾ اضافو ٿيو آهي. هن وزيراعظم ۽ نائب وزيراعظم تي زور ڀريو ته هو آمريڪا، ايران ۽ ٻين عالمي طاقتن سان مسلسل رابطي ۾ رهن ته جيئن امن عمل جي تسلسل ۽ علائقائي هڪجهڙائي کي يقيني بڻائي سگهجي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.