آشا ڀوسلي: سنگيت جي هڪ دؤر جِي پُڄاڻي

ياسرقاضي

”مُنھنجي هڪڙي ئي خواھش آهي ڀڳوان کان… ته مونکي ڳائيندي ڳائيندي مَوت اچي وڃي… بس…“ اهي لفظ هئا ڪجهه سال اڳ ڀارت جي هڪ سنگيت رِيئلٽي شو ۾ ننڍي کنڊ جي تمام وڏِي ڪلاڪار ۽ سُرن جي راڻيءَ آشا ڀوسلي جا چيلَ… جيڪا ٻه ڏينھن اڳ، 12 اپريل 2026ع تي 92 ورھن جي ڄمار ۾ پنھنجن لکين ٻڌندڙن ۽ مداحن جي اکين ۾ لُڙڪ ۽ 1200 کان مٿي ڳايل پنھنجا امر گيت ڇڏي، 8 ڏھاڪن تائين ننڍي کنڊ جي فلم سنگيت جي سيوا ڪري، هي جھان ڇڏي، پرلوڪ پڌاري وئي ۽ سندس اھا خواهش يا دعا پوري به ٿي ته هن پنھنجي ڄمار جي پڇاڙيءَ تائين هڪ ڪامياب ۽ متحرڪ سنگيت ڪيريئر گذاريو ۽ حقيقت ۾ ڳائيندي ڳائيندي ئي پنھنجن ٻڌندڙن کان وڇڙي وئي.

آشا ڀوسلي 8 سيپٽمبر 1933ع تي، برطانوي هندوستان جي ’سانگلي‘ نالي شاھي رياست (جيڪا هاڻي ’مھاراشٽر‘ ۾ آهي) جي ’گور‘ نالي هڪ ننڍڙي وسنديءَ ۾ سنگيت سان سلهاڙيل هڪ مشھور ڪٽنب ۾ جنم ورتو. سندس والد ’پنڊت دينا ناٿ منگيشڪر‘ ڪلاسيڪي سنگيت جو وڏو ڄاڻو هو ۽ پنھنجي دؤر جو مراٺي اسٽيج جو مشھور اداڪار ۽ ڳائڻو هو. آشا سميت سندس سمورن ٻارن پيءُ کان ئي سنگيت جو فن سکيو. آشا 9 سالن جي ۽ سندس وڏي ڀيڻ لتا منگيشڪر 13 سالن جي هئي، جو سندن پيءُ گذاري ويو، جنھن کانپوءِ سڄي ڪٽنب جي پالنا جي ذميواري لتا ۽ آشا تي اچي وئي. هي ڪٽنب سانگلي مان بمبئيءَ لڏي آيو ۽ هنن ٻنهي ڀينرن ننڍيءَ عمر کان ئي روزگار جي ڳولا ۾ پنھنجي سِکيل ڪلا جو استعمال ڪندي، فلمن ۾ ڳائڻ ۽ اداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي. آشا سڀ کان اڳ ”ماجها بال“ (رليز: 1943ع) نالي هڪ مراٺي فلم لاءِ پنھنجو پھريون فلمي گيت ڳايو. جنھن جا ٻول هئا: ”چالا چالا نَو بالا…“. جنھنجي موسيقي ’دتا داجڪر‘ ترتيب ڏني هئي. آشا پنھنجي هندي فلمن جي شروعات هنسراج بَھِل جي فلم ”چناريا“ (1948ع) لاءِ گيت ”ساون آيا…“ ڳائڻ سان ڪئي. ان ئي سال ”انڌون ڪِي دنيا“ نالي هڪ ٻي فلم به رليز ٿي هئي، جنھن ۾ پڻ آشا گيتَ ڳايا هئا. هن جو پھريون انفرادي (سولو) هندي فلمي گيت فلم ”رات ڪي راني“ (1949ع) لاءِ ڳايل هو.

آشا ڀوسلي جون ڀينرون، لتا ۽ اُوشا منگيشڪر به پِلي بيڪ (پسِ پرده) ڳائڻيون رهيون آهن. سندس وڏي ڀيڻ مِينا منگيشڪر ۽ ننڍو ڀاءُ هردي ناٿ منگيشڪر، ميوزڪ ڊائريڪٽر آهن. اُوشا پڻ ميوزڪ ڊائريڪٽر (موسيقار) طور ڳچ فلمن ۾ موسيقي ڏني آهي. اُوشا، چترڪار پڻ آهي. ذاتي حوالي سان توڙي فني زندگيءَ ۾ آشا جي جيون جو سفر ڪڏهن به سؤلو ڪونه رهيو. فني دنيا ۾ سندس آڏو وڏي ۾ وڏي مدِ مقابل سندس ڀيڻ لتا ئي هئي، جيڪا ننڍي کنڊ جي سنگيت جو ايڏو وڏو حوالو هئي ۽ آهي، جو ان جي سامهون پنھنجو نالو ڪڍڻ سواءِ غيرمعمولي صلاحيتن جي ممڪن ڪونه هو، پر آشا ڀوسلي سخت محنت ۽ جاکوڙ کانپوءِ پنھنجي شوخ ۽ چنچل انداز واري گائيڪيءَ سان پنھنجي الڳ سڃاڻپ پيدا ڪرڻ ۾ ڪامياب رھي. آشا جي سڀ کان وڏي خوبي سندس آواز جي لچڪ هئي. هن نه صرف فلمي گيت ڳايا، پر هوءَ غزل، قواليون، ڀڄن ۽ پاپ ميوزڪ ڳائڻ ۾ به پنھنجو مٽ پاڻ هئي. هن سنڌيءَ سميت اٽڪل 20 کان وڌيڪ ٻولين ۾ گيت ڳايا. سندس ڪجهه ڳايل سنڌي گيتن ۾ ”آءُ اچي مل او منٺارَ! تُنھنجي وڇوڙي ماري آهيان“ ۽ ”اچ تون، نچ تون“ (فلم: امي يا ممي ــ رليز: 1984ع) شامل آهن. جنھن جا ٻولَ ’ڪن موتيھر‘ لکيا هئا ۽ ڌن به ان ئي ٺاھي هئي.

آشا ڀوسلي کي جوھريءَ وانگر تراشڻ ۽ پنھنجو نرالو رنگ ڏيڻ ۾ ننڍي کنڊ جي وڏي ميوزڪ ڊائريڪٽر ’اومڪا پرساد نيّر‘ (او.پي. نيّر) جو وڏو اھم ڪردار آهي. هي اهو ئي موسيقار آهي، جنھن بابت اها ڳالهه ٻچي ٻچي کي خبر آهي ته هن ڪڏھن به لتا منگيشڪر کان ڪونه ڳارايو، جنھن جا سبب ڪھڙا به هجن، پر اهو عام طور تي چيو ۽ سمجهيو ويندو آهي ته نيّر صاحب لتا دشمنيءَ ۾ آشا تي سخت محنت ڪئي ۽ کائنس اهي لافاني ڌنيون ڳارايون، جن آشا کي مقبوليت جي عروج تي پھچائي ڇڏيو. نيّر صاحب پاران تخليق ڪيل ڌنين ۾ موجود سنگيت جي پيچيدگين کي آشا پوري ڪاميابيءَ سان نڀايو ۽ هوءَ پنھنجي وڏي ڀيڻ لتا جي نعم البدل آواز طور هندي فلمي پلي بئڪ ۾ اُڀري. آشا جي آواز جي گُڻن کي سمجهندي نيّر صاحب کانپوءِ جنھن آواز جي جوھريءَ کائنس پيچيده ڌنيون ڳارائي، سندس صلاحيتن جو پورو پورو استعمال ڪيو، اهو نرالو ميوزڪ ڊائريڪٽر ’راهُول ديو برمن‘ (آر. ڊي. برمن) هو، جنھن اڳتي هلي آشا سان شادي به ڪئي. راهول ۽ آشا جي جوڙيءَ جي امتزاج سان جيڪي حسين گيت تخليق ٿيا، اهي صدين تائين زبان زدِ عام رھندا. ايئن ناهي ته پنچم دا (آر ڊي برمن) لتا منگيشڪر کان ڪونه ڳارايو. هن لتا کان به بيشمار حسين انفرادي گيت ۽ دوگانا ڳارايا، پر آشا لاءِ پنچم جيڪي ڌنيون تخليق ڪيون، اهي لازوال آهن. آشا جي ئي ساٿ ۾ هن 1970ع واري ڏھاڪي ۾ هندوستاني ’ڊسڪو پاپ‘ گيتن جو رواج وڌو ۽ آشا جي شوخ ۽ چُلبلي آواز لاءِ ’آئٽم نمبرن‘ جو هڪ جهجهو تعداد تخليق ڪيو. اهي پاپ گيت ان زماني ۾ ڏاڍا مقبول ٿيا. او پي نيّر ۽ آر ڊِي برمن کانسواءِ آشا جن اهم ميوزڪ ڊائريڪٽرن جا گيت ڳايا ۽ ساڻن گڏ ڪم ڪيو، تن ۾ سي رامچندرا، ايس ڊي برمن، سليل چوڌري، روشن، نوشاد، رويندرا جين، روي، چترا گُپت، خيام، شنڪر جئه ڪشن، مدن موھن، ڪلياڻ جي آنند جي، بپي لھري، راجيش روشن، لڪشمي ڪانت پياري لال، انُو ملڪ، اي آر رحمان، نديم شراوڻ ۽ جتن للت وغيره شامل آهن، جڏهن ته هن پنھنجي سڳي ڀيڻ اُوشا منگيشڪر جون تخليق ڪيل ڪجهه ڌنيون پڻ ڳايون.

آشا ڀوسلي ٻه شاديون ڪيون ۽ کيس ٽي ٻار ڄاوا، جيڪي ٽئي سندس پھرين مڙسَ مان هئا. 1949ع ۾ 16 سالن جي عمر ۾، آشا 31 سالن جي ’گڻپت راؤ  ڀوسلي‘ سان پنھنجي ڪٽنب جي مرضيءَ خلاف پيار جو پرڻو ڪيو. هيءَ شادي ڪامياب نه رهي ۽ سندس مڙس توڙي ساھرن جي بدسلوڪيءَ سبب ڪجهه سالن ۾ ٽٽي وئي ۽ آشا پنھنجن ٻن ٻارن ۽ پيٽ ۾ ٽئين ٻار سان گڏ پنھنجي مامي جي گهر هلي آئي. آشا، هڪ ڊگهي عرصي کانپوءِ 1980ع ۾ پاڻ کان 6 سال ننڍي، راهول ديو برمن سان شادي ڪئي. ۽1994ع ۾ پنچم جي لاڏاڻي تائين هُو، آشا جو ورُ رھيو.

ڊگهي عرصي تائين آشا ۽ لتا منگيشڪر جا سخت اختلاف ميڊيا جي ڌيان جو مرڪز بڻيل رهيا. ٻالجتيءَ ۾ جيڪي ڀينر هڪٻئي جي تمام ويجهيُون هيون ۽ لتا هر وقت آشا کي ساڻ کنيون وتندي هئي، انهن جي وچ ۾ اختلاف تڏھن اڀريا، جڏھن آشا خاندان جي مرضيءَ خلاف پھرين شادي ڪئي. لتا ان عمل کي غيرذميوار عمل سمجهندي، کيس اڪيلو ڇڏي ڏنو. هڪ ڊگهو مدو، ٻنهي جا پاڻ ۾ ويڇا رهيا ۽ ڪوبه رابطو نه رھيو. انھن ايڏن ڊگهن اختلافن باوجود ٻنھي ڀينرن (لتا ۽ آشا) پنھنجي ڪيريئر ۾ 75 کان وڌيڪ گيت گڏ ڳايا آهن.

مرد ڪلاڪارن منجهان آشا ڀوسلي وڌ ۾ وڌ دوگانا ڪشور ڪمار سان ڳايا آهن، جن جو تعداد 687 آهي. ان کانسواءِ هن محمّد رفيع سان 100 کان وڌيڪ ۽ مڪيش سان 44 دوگانا ڳايا. انهن عظيم ڪلاڪارن کان علاوه هن طلعت محمود، مناڊي، مھيندر ڪمار، اميت ڪمار، سريش واڊڪر، اُدت نارائڻ، ڪمار سانو، هري هرن، ايس پي بالا سبرمينيم، سونو نگم، اڀيجيت ڀَٽ آچاريه، يسُوداس، عدنان سميع خان ۽ ٻين ڪلاڪارن سان پڻ مختلف فلمن ۾ ڪيئي دوگانا ڳايا. آشا ڀوسلي جا گيت مڌُو بالا کان وٺي ساڌنا، نرگس، مينا ڪماري، وحيده رحمان، مالا سِنھا، نندا، فريده جلال، شرميلا ٽئگور، جيا بچن، سائره بانو، هيلن، آشا پاريک، ارونا ايراني، ممتاز، ريکا، نيتو سنگهه، ٽينا مونيم، پروين بابي، زينت امان، موسمي چيٽرجي، بِندُو، ڊمپل ڪپاڊيا، پدمني ڪولهاپوري، شبانه اعظمي، ڪرشمه ڪپور، ارميلا ماتونڊڪر، شلپا شيٽي، راڪي، روپا گنگولي، پلوي جوشي ۽ ماڌوري ڊڪشٽ تائين اڻ ڳڻين هندي فلمي هيروئنُن مٿان فلمايا ويا ۽ آشا انهن سڀني جو آواز بڻي. آشا ڀوسلي 1995ع ۾ هڪ پاڪستاني ميوزيڪل فلم ”سرگم“ لاءِ پڻ عدنان سميع خان سان گڏ دوگانا ڳايا.

آشا، کاڌي پچائڻ جي پڻ وڏي شوقين هئي ۽ زبردست ’شيف‘ هئي. هوءَ چوندي هئي ته جيڪڏهن هوءَ ڳائڻي نه بڻجي ها ته هڪ بورچياڻي هجي ها. هن ”آشاز“ جي نالي سان ريسٽورنٽس جو هڪ ڄار به وڇايو، جنھن ۾ روايتي اتر ــ اولهه هندوستان جا کاڌا پچندا هئا. هن ريستوران جون ڀارت جي مختلف شھرن سميت برطانيه، دبئيءَ، ڪويت ۽ وچ اوڀر جي ٻين متعدد عرب ملڪن ۾ شاخون به هيون.

ڏکڻ ايشيا جي هيءَ ڪويل پنھنجي جيون جي آخري ڏينھن تائين هڪ متحرڪ زندگي گذاري. 11 اپريل 2026ع تي، آشا کي ساھه مونجهه جِي شڪايت ۽ ڦڦڙن ۽ سيني جي انفيڪشن سبب ممبئيءَ جي ’بريچ ڪينڊي اسپتال‘ ۾ داخل ڪيو ويو. جتي فقط هڪ ڏينھن رهي، ٽيون ڏينھن، يعني آچر 12 اپريل 2026ع تي، 92 سالن جي عمر ۾، مختلف عضون جي ڪم ڇڏڻ سبب، سُرن جي راڻيءَ جو آواز هميشه هميشه لاءِ خاموش ٿي ويو ۽ هوءَ پنھنجي پويان حَسِين گيتن جو انمول خزانو ڇڏي، سُرن جي اتھاس ۾ پنھنجو نالو روشن اکرن ۾ لکرائي، پنھنجن اڻ ڳڻين مداحن کان موڪلائي هلي وئي. سندس آواز ۾ ڳايل گيتَ ايندڙ ڊگهي عرصي تائين ڪروڙين دلين جي ترجماني بڻيل رھندا.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.