سنڌ ۾ عوامي شاعري هميشه پنهنجو هڪ الڳ مقام رکندي آئي آهي، جيڪا رومانويت، وطن دوستي ۽ انقلابيت سان ڀرپور هوندي آهي. اها شاعري نه رڳو عوام کي جاڳائڻ جو ڪم ڪندي آهي، پر مزاحمت ۽ جدوجهد کي سگهارو بڻائيندي آهي.قومي عوامي رومانوي انقلابي شاعر سيد غفور شاھ تقوي اهڙو ئي سگهارو آواز آهي جيڪو پنهنجي شاعري ذريعي هارين، پورهيتن ۽ سنڌي عوام جي درد ۽ جدوجهد کي لفظن ۾ زندہ رکيو اچي. غفور شاهه تقوي جي شاعري هڪ اهڙي شعوري طاقت آهي، جيڪا جهر جهنگ ۾ باهه لڳائي ڇڏيندي اهي وقت جون تيز ۽ لوڻاٽيل هوائون سندس تخليق تي زنگ چاڙهين ٿيون پر سندس تيز ۽ اثرائتا لفظ ان اثر کي بي اثر ڪري ڇڏين ٿا
هو اڄ به ڪراچي جي روشنيءَ واري شهر ڪراچي جي پٺتي پيل ملير ضلعي جي علائقي رزاق آباد ۾ پنهنجي عوامي پيغام ذريعي سنڌي ماڻهن کي جاڳائڻ واري صدا ڏيندو نظر اچي ٿو جيتوڻيڪ بيماري کيس جسماني طور تي تمام گهڻو ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي، پر سندس دل، ذهن ۽ جذبا هميشه ڪارونجهر جبل جيان اڏول ۽ اوچا آهن سندس شاگرد، دوست ۽ پرستار سندس ذهني تخليق ۽ اتساهيندڙ لفظن کي دل سان محسوس ڪن ٿا سڀئي سندس صحتيابي ۽ ڊگهي عمر لاءِ دعاگو آهن، ڇو ته غفور شاهه زندگيءَ جا سٺ ڏهاڪا سخت جاکوڙ ، محنت ۽ اذيت ۾ گذاريا آهن، پر اڄ به هو پنهنجي وطن ۽ عوام لاءِ بيحد محنت ڪندو رهي ٿو هو سمنڊ ڪنارن کان وٺي ٻيٽن، ننڍن ڳوٺن ۽ وڏن شهرن ۾ پنهنجو پيغام پهچائيندو رهيو آهي مون کيس ويجهي کان لکندي، کلندي، روئندي، وڙهندي، ڏٺو آهي. اسان کيس سمجهائڻ جي ناڪام ڪوشش ڪئي ته فيض، حبيب جالب، ابراهيم منشي ۽ مجيدي جهڙا شعر نه چئو ٿورو قلم ٿڌو رکو، پر هن پنهنجي دل جي آواز کي رد نه ڪيو سندس شاعري هميشه عوام جي درد، محنت ۽ قرباني جي ترجمان۽ سماج جي ظالن لاءِ للڪار رهي آهي هن جا لکيل اڻ ڳڻيا شعر اڄ به پڙهندڙن ۽ شاگردن جي دلين ۾ زنده آهن. هن جا ڇپيل ٻه ڪتاب پڙهندڙن جي اکيون کولين ٿا، ۽ ٻيا ڪتاب تياري هيٺ آهن پر ھن فقير منش شاعر وٽ ڇپرائڻ لاءِ وسيلن جي کوٽ آهي، ۽ هو پنهنجي ڪم کي عوام تائين پهچائڻ لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي. سيد غفور شاهه تقوي اسان جو قيمتي سرمايو آهي، پر هاڻي هو بيماري سبب بستري تي آهي. سنڌ سرڪار ۽ ثقافتي کاتو جي بي حسي جو شڪار آهي. سندس پرستار به مالي طور محدود آهن. سندس اولاد مزدور آهي، پر اسان سڀ سندس زندگي جا خواهشمند آهيون ۽ سندس صحت لاءِ فڪر مند آهيون. غفور شاهه تقوي صرف هڪ شاعر نه، پر ڌرتي، پورهيت ۽ پورهيت عوام جو آواز آهي. سندس زندگي ۽ شاعري ٻڌائي ٿي ته لفظن جي طاقت سان سماج ۾ شعور، مزاحمت ۽ محبت جا سبق ڏيئي سگهجن ٿا سندس شاگردن ۽ دوستن لاءِ هو اڃا به روشن ڏيئي وانگر آهي سنڌي عوام کي پنهنجي مٽي، پنهنجي ثقافت ۽ پنهنجي حقن سان محبت جو پيغام ڏئي ٿو سندس قلم، آواز ۽ شاعري هميشه سنڌ جي عوام جي دلين ۾ زنده رهندي جيئن جيئن وقت گذرندو، سندس لفظن جو اثر وڌيڪ مضبوط ٿيندو، ۽ اها آواز هميشه ڌرتي ۽ پورهيتن جي محبت جي علامت رهندو،
اسان هڪ ڀيرو وري به سنڌ سرڪار، ثقافت کاتي ۽ سرندي وارن کي اپيل ٿا ڪريون ته سنڌ جي هن سريلي شاعر سيد غفور شاه تقوي جو علاج ڪرايو سندس حياتي بچايو