واشنگٽن (ع آ نيوز) آمريڪا ايران خلاف وڏو قدم کڻندي ايراني بندرگاهن تي ايندڙ ۽ اتان ويندڙ سموري بحري اچ وڃ جي ناڪابندي جي باقاعدي شروعات ڪري ڇڏي،تيل اگهن ۾ واڌ پرڏيهي ميڊيا موجب آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ چيو آهي ته ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي شروع ڪئي وئي آهي، ڪنهن به ملڪ جي جهازن کي ايراني بندرگاهه يا سامونڊي علائقن تائين وڃڻ نه ڏنو ويندو پر آبناءِ هرمز مان گذرندڙ انهن جهازن کي نه روڪيو ويندو، جيڪي ايراني بندرگاهن بدران ٻين ملڪن ڏانهن وڃي رهيا هجن .هوڏانهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته هنن 158 ايراني سامونڊي جهاز مڪمل طور تباهه ڪري ڇڏيا آهن. هن اها به دعويٰ ڪئي ته هن وقت ايران جي بحريا سمنڊ جي تهه ۾ پيل آهي. آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران پاڪستان ۾ ڳالهين کان پوءِ آمريڪا سان رابطو ڪيو، ۽ ايران هڪ معاهدي تي پهچڻ لاءِ "تمام گهڻو خواهشمند” آهي.آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ، وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران هڪ پيغام موڪليو آهي ته اهي هڪ معاهدو ڪرڻ لاءِ تيار آهن. ٽرمپ چيو ته ڪيترين ئي شين تي اتفاق ٿي چڪو آهي، آمريڪي وفد ايران سان سٺيون ڳالهيون ڪيون، ايران سان خراب ڳالهيون ڪيون، ۽ يورينيم جي مسئلي تي ڪو به معاهدو نه ٿيو. آمريڪي صدر ٽرمپ چيو ته ايران ڪنهن به حالت ۾ ايٽمي هٿيار نٿو رکي سگهي، اسان ڪنهن به ملڪ کي بليڪ ميل ٿيڻ جي اجازت نٿا ڏئي سگهون، دنيا کي هرمز جي آبنائي جي ضرورت آهي. هن چيو ته آبنائي هرمز تي بندش شروع ڪئي وئي آهي، ڪيترائي ڪارگو ۽ تيل ٽينڪر هرمز جي آبنائي پار ڪري چڪا آهن، ۽ تيل ٽينڪر آمريڪا ۾ تيل حاصل ڪرڻ لاءِ اچي رهيا آهن. ٽرمپ چيو ته ڪيترن ئي ملڪن هن سان رابطو ڪيو آهي ۽ ايران جي بندش ۾ مدد جي آڇ ڪئي آهي. ڪنهن به ملڪ کي ايران جي بندش لاءِ مدد جي ضرورت ناهي.آمريڪي صدر چيو ته اهي ايران جي افزوده يورينيم کي ڪنهن نه ڪنهن طريقي سان حاصل ڪندا ٻئي پاسي ٽرمپ جي ڌمڪين کانپوءِ عالمي مارڪيٽ ۾ ڪچي تيل جي قيمتن ۾ اضافو ٿي ويو آهي،برطانوي خام تيل برينٽ ڪروڊ جو اگهه 7 ڊالر واڌ سان 102 ڊالر في بيرل ٿي ويو،آمريڪي ڪچو تيل ڊبليو ٽي آءِ به ساڍا 6 ڊالر واڌ سان 103 ڊالر بي بيرل تي وڪرو ٿي رهيو آهي،نار ۾ هلندڙ سامونڊي جهازن تي انشورنس پريميئم ۾ هڪ هزار سيڪڙو تائين واڌ ٿي وئي آهي،15 ڪروڙ ڊالر جي تيل بردار جهاز کي 75 لک ڊالر انشورنس پريميئم جا ادا ڪرڻا پوندا،هوڏانهن دنيا ۾ تيل جي جاءِ تي توانائي جي ٻين ذريعن جي طلب ۾ اضافو ٿي رهيو آهي،ان حوالي سان چين هتي به بازي کٽي ويو آهي،متبادل توانائي جي پيداوار ڪندڙ چيني ڪمپنين جي برآمد ۾ 57 سيڪڙو تائ
تهران (م ڊ) ايران جي فوجي ترجمان خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن ايراني بندرگاهن کي ڪنهن به قسم جو خطرو پيش آيو ته خطي جي ڪا به بندرگاهه محفوظ نه رهندي. ايراني فوج جي ترجمان طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته نار بندرگاهون يا ته سڀني لاءِ محفوظ هونديون يا ته ڪنهن لاءِ به نه. هن چيو ته عالمي پاڻين ۾ جهازن تي آمريڪي پابنديون غير قانوني آهن ۽ اهو عمل سامونڊي قبضي جهڙو آهي، آمريڪي ڌمڪين کانپوءِ ايران آبناءِ هرمز تي مڪمل ڪنٽرول لاءِ هڪ مستقل نظام لاڳو ڪري رهيو آهي، جنهن تحت سامونڊي چرپر کي منظم ڪيو ويندو.سندس چوڻ هو ته ايران پنهنجي قومي مفادن جي تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ جيڪڏهن ان جي بندرگاهن يا بحري رستن کي نشانو بڻايو ويو ته ان جا اثر سڄي خطي تي پوندا.ين اضافو ٿيو آهي ٻئي پاسي تيل پيدا ڪندڙ وڏن ملڪن جي تنظيم اوپيڪ دنيا ۾ تيل جي طلب گهٽ ٿيڻ جو خدشو به ظاهر ڪيو آهي،
لنڊن/بيجنگ (ع آ نيوز/م ڊ) برطانوي ميڊيا جو چوڻ آهي ته برطانيا آمريڪي صدر طرفان آبناءِ هرمز جي ناڪابندي ۾ شامل نه ٿيندو. هڪ بيان ۾ برطانوي حڪومت جي ترجمان چيو ته آبناءِ هرمز کليل رکڻ جي حمايت ڪيون ٿا، اهو قدم نه رڳو عالمي معيشت لاءِ ضروري آهي پر برطانيا اندر مهانگائي جي دٻاءَ کي گهٽائڻ ۾ به اهم ڪردار ادا ڪندو. ترجمان چيو ته آبناءِ هرمز تي ڪنهن به قسم جو ٽول يا فيس لاڳو نه ٿيڻ گهرجي، ڇو ته ان سان عالمي واپار متاثر ٿي سگهي ٿو، اسان فرانس ۽ ٻين ڀائيوارن سان آزاد سامونڊي واپار جي تحفظ لاءِ وڏو اتحاد ٺاهڻ تي ڪم ڪري رهيا آهيون.چين آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران هرمز لنگهه کي بند ڪرڻ جي اعلان جي کليل مخالفت ڪئي آهي. چيني دفاع واري وزير ايڊمرل ڊونگ جون آمريڪا کي خبردار ڪندي چيو آهي ته چين جا ايران سان واپاري ۽ توانائي معاهدا آهن، چين انهن معاهدن جو احترام ڪندو ۽ ٻين کان توقع ڪندو ته اهي اسان جي معاملن ۾ مداخلت نه ڪندا.ايڊمرل ڊونگ جون چيو ته آبناءِ هرمز ايران جي ڪنٽرول ۾ آهي ۽ اسان لاءِ کليل آهي، چيني جهاز آبناءِ هرمز مان گذري رهيا آهن.چيني پرڏيهي وزارت چيو ته اهم آبي رستي کي محفوظ، مستحڪم ۽ بي رڪاوٽ رکڻ عالمي برادري جي گڏيل مفاد ۾ آهي، چين توانائي کي محفوظ بڻائڻ ۽ فراهم ڪرڻ لاءِ سڀني ڌرين سان ڪم ڪرڻ لاءِ تيار آهي.