مورو سانحي جي قيد ڪيل نوجوانن جي آزادي لاءِ ڌرڻو جاري

مورو(رپورٽ: جاني مورائي) مورو سانحي جي بيگناھ قيد ڪيل قيدين جي آزادي لاءِ وارثن ٻارڙن نياڻين شاگردن شاگردياڻين امڙين ونين پيرسن والدين سياسي سماجي علمي ادبي تنظيمن جي اڳواڻن ڪارڪنن شهرين 28  ڏينهن به رات جو مورو پريس ڪلب آڏو احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو، ٻن ڀائر قيدين صمد ڀٽي ۽ اڪرم ڀٽي جو بيمار والد محمد رمضان ڀٽي پاڻ کي بيماري جي حالت ۾ کڻائي ڌرڻي ۾ شامل ٿيو، ان موقعي تي قيدين جي وارثن افسانو سنڌو، آرزو لغاريڍ، سوهنا، سنڌو راشد، سڌيا، قبران لغاري، وفا لغاري، محسن علي رستماڻي، علي دوست رند، نواز علي ڪلھوڙو  يوسف رند صدام چانڊيو ۽ ٻين چيو ته11 مهينن کان بيگناھ ڪوڙن ڪيسن ۾ قيد 60 هاري پورهيت مزدور استاد شاگرد دڪاندار پوليس اهڪار نوجوان قيد ٿيل آهن انهن مظلوم ماڻهن تي سنڌ حڪومت جي چوڻ تي پوليس هر هڪ ماڻهو تي چار چار دهشت گردي جا ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن پر انهن جو ڪيس به نٿو هلايو وڃي ۽ ضمانتون به ٿيڻ نٿا ڏين. جيڪڏهن قيدين سنڌ حڪومت جو ڏوھ ڪيو آهي ته عدالت کي ڪيس هلائڻ جي اجازت ڏني وڃي پر جڏهن ڪيس هلندو سڀ قيدي بيگناھ ثابت ٿيندا ۽ مورو سانحي جي اصل حقيقت عوام جي اڳيان ظاهر ٿيندي، هنن چيو ته بيگناھ قيد ڪيل 60 ماڻهن کي آزاد ڪرائي نوجوانن جي خون سان انصاف ڪرايو وڃي اسان جو آواز هر فورم اٿاريو وڃي اسان جو ساٿ ڏنو وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.