نيتن ياهو پاران وچ اوڀر جي نقشي سامهون بيهي مسلمان ملڪن کي ڌمڪيون

تل ابيب(عوامي آواز نيوز) اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو وچ اوڀر جي نقشي اڳيان بيهي هڪ سخت ۽ جارحاڻو بيان ڏنو آهي، جنهن ۾ هن دعويٰ ڪئي ته علائقي جي ڇهن ملڪن اسرائيل کي "گهيرو  ڪري ختم ڪرڻ” جي ڪوشش ڪئي، پر سندس چوڻ موجب "اسان ئي انهن کي ڪمزور ڪري ڇڏيو آهي ۽ اڃا وڌيڪ ڪرڻ باقي آهي”۔تجزيه ڪارَن موجب وچ اوڀر جي نقشي سان گڏ ڏنل اهو بيان رڳو سياسي بيان ناهي، پر هڪ واضح حڪمتِ عملي وارو پيغام آهي، جنهن جو مقصد علائقي جي مخالف ملڪن کي خبردار ڪرڻ ۽ اندروني سطح تي طاقت جو تاثر ڏيڻ آهي،مبصرن جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن اهڙن بيانن جو سلسلو جاري رهيو ته علائقي ۾ اڳ ئي جاري تڪرار وڌيڪ شدت اختيار ڪري سگهن ٿا، جڏهن ته سفارتي ڪوششن جي ڪاميابي ٻنهي ڌرين جي سنجيدگي تي دارومدار رکي ٿي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.