47 سالن جي دشمني 21 ڪلاڪ اڻ پورا/سفارت ڪاري ۽ جنگي ذهنيت ۾ مقابلو

اسلام آباد( ابصار عالم) اسلام آباد ڳالهين جو هڪ اهم مرحلو پورو ٿي ويو آهي. آمريڪا جو نائب صدر جي ڊي وينس پنهنجي  وفد سان واپس روانو ٿي ويو آهي، ۽ ايران جو وفد، جنهن جي قيادت باقر قاليباف ڪري رهيو هو، اهو به پنهنجي ملڪ واپس هليو ويو آهي.هاڻي سوال اهو آهي ته انهن ٻن ڏينهن دوران اسلام آباد ۾ آخر ڇا ٿيو؟ نتيجو ڇا نڪتو؟ هن وقت صورتحال ڪهڙي آهي؟ ۽ ايندڙ ڏينهن ۾ ڇا ٿي سگهي ٿو؟ڪجهه ئي وقت اڳ ايران جو وفد پاڪستان مان روانو ٿيو آهي. انهن جي سيڪيورٽي کي انتهائي اهميت ڏني پئي وڃي، ڇو ته انهن جي واپسي دوران خطرا موجود هئا.جڏهن وفد جي روانگي جي خبر سامهون آئي، ته اسرائيلي فوجي قيادت طرفان به تيار رهڻ جو بيان آيو.پاڪستان پنهنجي مهمانن جي مڪمل سيڪيورٽي يقيني بڻائڻ لاءِ هوائي تحفظ ۽ جنگي جهازن جي نگراني هيٺ انهن کي ايران تائين محفوظ طريقي سان پهچائي رهيو آهي.ذريعن مطابق جنگ بند رهندي پر تڪرار ختم نه ٿيندو وچ اوڀر ۾ مڪمل امن اڃا به پري آهي هي صورتحال هڪ “چيس گيم” وانگر آهي، جتي قدم قدم تي هلچل ٿيندي رهندي.جي ڊي وينس ۽ باقر قاليباف ٻنهي جي بيانن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڳالهين ۾ سخت لهجو استعمال نه ٿيو هڪ ٻئي کي سڌي ڌمڪي نه ڏني وئي ڳالهين جو ماحول نسبتاً مثبت هو هي ڳالهه پاڻ ۾ وڏي ڪاميابي آهي، ڇو ته 1979 کان پوءِ ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ سڌو رابطو نه ٿيو هو.لڳاتار 21 ڪلاڪن تائين ڳالهيون جاري رهيون گڏ ويهي کاڌو به کاڌو ويو غير رسمي رابطا به ٿيا ٽيليفون نمبرن جي به ڏي وٺ ٿي،اهي سڀ شيون مستقبل ۾ سڌي رابطي جو بنياد بڻجي سگهن ٿيون.اها ڳالهه به اهم آهي ته جي ڊي وينس مستقبل ۾ آمريڪا جو وڏو صدارتي اميدوار ٿي سگهي ٿو باقر قاليباف به ايران جي اعليٰ سياسي قيادت ۾ شامل ٿي سگهي ٿو ان ڪري هي عمل جلدي مڪمل ٿيڻ وارو ناهي.ٻنهي ملڪن کي پنهنجي عوام کي اهو ڏيکارڻو آهي ته اسان کٽيا آهيون” اسان پوئتي نه هٽيا آهيون” اهو ئي سبب آهي ته ڪجهه معاملا اڃا به کليل ڇڏيا ويا آهن.هي سڀ ڪجهه هڪ سفارتي حڪمت عملي آهي، جنهن ۾ لچڪ رکڻي پوي ٿي وقت وٺڻو پوي ٿو ۽ قدم قدم تي اڳتي وڌڻو پوي ٿو اسرائيل هن عمل مان سڀ کان وڌيڪ پريشان آهي.ڪوشش ڪئي وئي ته ڳالهين کي روڪيو وڃي، پر آمريڪي قيادت به مڪمل طور آزاد فيصلا نه ڪري رهي آهي.پاڪستان هن عمل ۾ اهم سهولتڪار رهيو وفدن جي آمد ۽ روانگي ۾ مدد سيڪيورٽي انتظام ۽ سفارتي هم آهنگي ايندڙ مرحلن ۾ ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو سڌو رابطو وڌندو پر مڪمل معاهدو دير سان ٿيندو اهم مسئلا جيڪي باقي آهن،اهي هي آهن، آبناءِ هرمز ،ايران جو يورينيم پروگرام علائقائي سيڪيورٽي خدشا اسرائيل ۽ نار جي  ملڪن جا اعتراض ٽرمپ پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران کي ايٽمي ارادا ڇڏڻا پوندا ڪجهه نڪتن تي اڳڀرائي ٿي آهي پر خطرو اڃا به موجود آهي هي هڪ انتهائي پيچيده سفارتي عمل آهي، جتي نه مڪمل امن ٿيو آهي نه مڪمل جنگ جاري آهي پر هڪ نئون سياسي دور شروع ٿي چڪو آهي هي عمل آهستي آهستي اڳتي وڌندو، ۽ مستقبل ۾ خطي جي طاقت جو توازن تبديل ٿي سگهي ٿو.

اسلام آباد(لز ڊوسيٽ)47سالن کان جاري ايران ۽ آمريڪا جي دشمني ختم ڪرڻ لاءِ اسلام آباد ۾ ٿيل 21 ڪلاڪن جون اعليٰ  سطحي ڳالهيون ڪنهن حتمي نتيجي تي نه پهتيون.اهي ڳالهيون هڪ اهڙي وقت ٿيون جڏهن وچ اوڀر ۾ جنگ ۽ تڪرار جاري هو ۽ دنيا انهن ڳالهين کي وڏي اميد سان ڏسي رهي هئي، پر نتيجو اڃا تائين غير واضح آهي.رپورٽ مطابق ايران ۽ آمريڪا جا وفد اسلام آباد ۾ هڪ پنج ستارا هوٽل ۾ بند دروازن پٺيان گڏ ٿيا پاڪستان ثالث طور اهم ڪردار ادا ڪيو ڳالهين دوران درجنين فون ڪالز، صلاح مشورا ۽ ماهرن جي شموليت رهي آمريڪي نائب صدر جي ڊي وينس فجر وقت مختصر پريس ڪانفرنس ۾ اعلان ڪيو ته آمريڪا پنهنجي “آخري ۽ بهترين آفر” پيش ڪري ڇڏي آهي.آمريڪا جو موقف هو ته ايران ايٽمي هٿيار حاصل نه ڪري ۽ اهڙي ٽيڪنالاجي به ترقي نه ڪري جيڪا تيزي سان ايٽمي هٿيار ٺاهي سگهي آمريڪا جو چوڻ هو ته اهو ئي “بنيادي مقصد” آهي.ايران جو موقف آهي ته يورينيم افزودگي کي پنهنجو حق سمجهي ٿو ،60سيڪڙو تائين افزود ٿيل 440 ڪلوگرام يورينيم کي گهٽ سطح تي آڻڻ تي ڪجهه نرمي ڏيکاري، پر مڪمل دستبرداري کان انڪار ڪيو .آبناءِهرمز کولڻ تي به راضي نه ٿيو، جيستائين نئون معاهدو نه ٿئي رپورٽ مطابق بنيادي اختلاف ايران جي ايٽمي پروگرام ،يورينيم افزودگي جي حد آبناءِ هرمز تي ڪنٽرول ۽ واپار  ۽ منجمد اثاثن جي بحالي تي هئا،ڳالهين جي ماحول جي حوالي سان ماهرن موجب ٻنهي ملڪن کي هڪ ٻئي تي شديد بي اعتمادي آهي ٻنهي ڌرين کي يقين هو ته هو ڳالهين ۾ “کٽيندا” پر حقيقي معاهدي لاءِ ضروري سمجهوتا نه ٿي سگهيا برطانوي ماهر ڊاڪٽر سانم وڪيل مطابق ٻنهي ڌرين کي هڪ ٻئي جي “نفسيات” ۽ سمجهوتي جي ضرورتن جي محدود سمجهه هئي.جي ڊي وينس چيو ته اسان اهم ڳالهيون ڪيون، پر معاهدو نه ٿي سگهيو” هي ايران لاءِ وڌيڪ خراب خبر آهي،ايراني پرڏيهي وزارت آمريڪا جي مطالبن کي غير ضروري ۽ غير قانوني” قرار ڏنو ايران جي پارليامينٽ اسپيڪر چيو ته آمريڪا ايراني وفد جو اعتماد حاصل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو پاڪستان جي پرڏيهي وزير اسحاق ڊارجنگبندي برقرار رکڻ تي زور ڏنو ۽ چيو ته پاڪستان ڳالهين کي اڳتي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکندو بي بي سي مطابق ڪيترن ٻين ملڪن ۾ به ساڳيو جذبو موجود آهي ته ڳالهين جو عمل جاري رهڻ گهرجي.رپورٽ موجب ٻن هفتن جي تڪراري جنگبندي في الحال برقرار آهي پر مڪمل امن اڃا پري آهي ٻنهي ڌرين وٽ فوجي ڪارروائي جاري رکڻ جي صلاحيت موجود آهي ماهرن مطابق هي عمل نه مڪمل ڪاميابي آهي، نه مڪمل ناڪامي ٻنهي ڌرين ۾ ڳالهين جو دروازو کليل آهي پر حقيقي معاهدي لاءِ وقت ۽ ڊگهي ڊپلوميسي جي ضرورت آهي 2015 جي ايٽمي معاهدي جو حوالو ڏيندي چيو ويو ته:ان وقت به 18 مهينن تائين ڳالهين ۽ بحرانن جو سلسلو هلندو رهيو هو آخر ۾ سوال اٿي ٿو ته ڇا آمريڪا ٻيهر سخت پاليسي اختيار ڪندو؟ يا ايران سان ڳالهين جو سلسلو جاري رهندو؟ ڇا جنگبندي مستقل امن ۾ بدلجي سگهي ٿي؟ اسلام آباد ۾ ٿيل ايران–آمريڪا ڳالهيون مڪمل ناڪام نه ٿيون پر حتمي معاهدي تائين به نه پهتيون ۽ هاڻي مستقبل جو دارومدار نئين سفارتي ڪوششن تي آهي

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.