ڪراچي(سوشل ميڊيا ڊيسڪ)سينئر صحافي ظفر نقوي ايڪس(ٽوئيٽر) تي لکيو آهي ته پاڪستان پيپلز پارٽي جي ذريعن سان ڳالهه ٻولهه دوران هن کان سوال ڪيو ويو ته اهم سفارتي ۽ سياسي موقعن تي اڳوڻو صدر آصف علي زرداري اوچتو ٽنڊو الهيار ڇو هليو ويو؟. نقوي موجب ذريعن جواب ڏنو ته مبينا طور تي ڪجهه حلقن طرفان زرداري صاحب کي ڄاڻي واڻي اهم عمل کان پاسيرو ڪيو ويو، ڇاڪاڻته ڪو به شخص يا ڌر ڪاميابي جو ڪريڊٽ شيئر ڪرڻ نٿي چاهي.ذريعن جو چوڻ آهي ته قومي ۽ بين الاقوامي معاملن ۾ صدرزرداري جو ڊگهو ۽ آزمايل تجربو موجود آهي، ۽ هو چين، گوادر سميت ڪيترن اهم منصوبن ۾ اهم ڪردار ادا ڪري چڪوآهي.دعويٰ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ايران–آمريڪا ڳالهين واري عمل کي اڳتي وڌائڻ ۾ به صدر زرداري جو ڪردار رهيو، جڏهن هو چين جي سفارتخاني ويا، ان کان پوءِ ايوانِ صدر ۾ اهم اجلاس ٿيو ۽ پوءِ اسحاق ڊار جي چين دوري دوران به صدر زرداري کي آن بورڊ رکيو ويو. پر ذريعن موجب ان کان پوءِ کيس ڄاڻي واڻي پاسي تي ڪيو ويو.نقوي وڌيڪ دعويٰ ڪئي ته چين جي دوري دوران به ڪيترائي پيچيده معاملا جيڪي حل نه ٿي رهيا هئا، اهي به زرداري صاحب مبينا طور تي حل ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيا.صحافي بلال غوري چيو آهي ته اسلام آباد ۾ انتهائي اهم سفارتي ۽ سياسي ڳالهين جي باوجود صدرِ مملڪت آصف علي زرداري وفاقي گاديءَ واري هنڌ کان پري سنڌ جي ضلعي ٽنڊو الهيار جو دورو ڪرڻ ويو.بلال غوري موجب صدر زرداري جو هي دورو ٻن ڏينهن تي مشتمل هو، جيڪو ان وقت ڪيو ويو جڏهن اسلام آباد ۾ اهم بين الاقوامي ۽ قومي ڳالهيون جاري هيون.هن چيو ته صدر زرداري جي 22 گاڏين تي ٻڌل شاهاڻي پروٽوڪول سان آمد تي به تنقيد ٿي رهي آهي، پر اصل سوال اهو آهي ته اهڙي اهم وقت ۾ هو وفاقي دارالحڪومت ڇڏي سنڌ ڇو ويو؟.عمران ڌامراهه لکيو ته ڪجهه صحافي “بي مقصد سوال” ڪري رهيا آهن ۽ حالتن کي غير ضروري طور تي تڪراري بڻائي رهيا آهن.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايران ۽ آمريڪا جا صدر پاڪستان نه آيا هئا، تنهن ڪري اهڙي صورتحال ۾ پاڪستان جي صدر جي موجودگي بابت سوال غير ضروري آهن.عمران ڌمراهه موجب جيڪي ڌريون سڌي ريت ڳالهين ۽ ثالثي جي عمل ۾ شامل هيون، اهي پنهنجي ڪم ۾ مصروف هيون، جڏهن ته ڪجهه صحافتي حلقا غير ضروري تنقيد ۽ منفي پروپيگنڊا ۾ مصروف آهن.وڪيل ڪاشف رضا ٻانڀڻ چيو آهي ته هن وقت تائين صدر جي اسلام آباد کان ٻاهر هجڻ بابت ڪا به سرڪاري تصديق سامهون ناهي آئي.هن وقت پاڪستان پيپلز پارٽي جي قيادت، خاص طور تي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري عالمي سطح تي اهم ۽ اثرائتو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي،.بلاول ڀٽو زرداري هن وقت پاڪستان جي مضبوط سياسي آواز طور سامهون اچي رهيا آهن، ۽ عالمي معاملن ۾ پارٽي جو ڪردار وڌيڪ سرگرم نظر اچي ٿو،فهيم ستار دل لکيو ته آصف علي زرداري جي صدر بڻجڻ جي تڪليف پٽوارين کي اڄ به اعليٰ درجي تي ڏسڻ ۾ اچي ٿي،پ پ ايم اين اي قادر خان مندوخيل لکيو ته وزيراعظم شهبازشريف اسلام آباد ۾ موجود هجڻ باوجود به ثالثي واري عمل ۾ سڌي طرح شامل نظر نه آيو.فيلڊ مارشل سان گڏ رڳو اسحاق ڊار موجود هو، جيڪو ان وقت نائب وزيراعظم طور ڪم ڪري رهيو هو، پرڏيهي وزير جي حيثيت سان نه.گُل محمد جکراڻي سينئر لکيو ته ايران–آمريڪا ڳالهين صدارتي سطح جون نه هيون، تنهن ڪري صدر جي سڌي شرڪت جي ضرورت نه هئي.طاهر چوڌري چيو ته گڏيل عرب امارات ۽ ملڪ رياض جي محبت ۾ گرفتار هئڻ سبب کيس اسلام آباد نه رهايو ويو، عادل نالي صارف لکيو ته پيپلز پارٽي جي قيادت جي اندروني حلقن ۾ “اسلام آباد ٽالڪس” جي ڪاميابي بابت بيچيني موجود آهي، جيڪڏهن اسٽيبلشمينٽ ۽ مسلم ليگ (ن) هن سفارتي عمل ۾ ڪامياب ٿي ويا ته ان جا نتيجا اهم آئيني تبديلين جي صورت ۾ نڪري سگهن ٿا، جن ۾ ممڪن طور تي 28هين ترميم ۽ نون صوبن جي قيام جهڙا معاملا شامل ٿي سگهن ٿا.دانش نقوي لکيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري انهن ڳالهين جو حصو هجي ها ته هو عالمي سطح تي هڪ اهم “اسٽيٽس مين” طور سامهون اچي سگهي ها.پاڪستان پيپلز پارٽي لاءِ اهو هڪ ناياب ۽ اهم موقعو هو، جيڪو شايد هڪ اسٽريٽجڪ غلطي سبب ضايع ٿي ويو.ايم ڪيو ايم جي ايم اين اي خواجا اظهار الحسن لکيو ته حڪومتي اتحاد اندر اختلاف موجود هئا، جنهن سبب ڪجهه سياسي ڌريون اهم عمل جو حصو نه بڻجي سگهيون.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته پارٽي چيئرمين پرڏيهي وزير نه ٿيڻ لاءِ پنهنجي صوابديد استعمال ڪئي، ۽ جيڪڏهن اهڙو فيصلو نه ڪيو وڃي ها ته اتحادي ڌريون به انهن ڳالهين جو حصو هجن ها. خواجه اظهار حسن موجب سنڌ ۾ ڪارڪردگي به هڪ اهم عنصر رهيو، جيڪو هن سياسي صورتحال تي اثرانداز ٿيو ۽ اتحاد اندر اعتماد تي به اثر وڌو۔آفتاب احمد گورايا لکيو ڪجهه صحافتي دعوائن ۾ حقيقت جي ڄاڻ نه هوندي آهي ۽ پروٽوڪول جي اصولن کي سمجهڻ کان سواءِ راءِ ڏني ويندي آهي.هن پنهنجي بيان ۾ چيو ته هن وقت صدر مملڪت جي سطح جو ڪو به وفد انهن ڳالهين ۾ شامل نه هو، تنهن ڪري اهڙيون دعوائون حقيقت تي ٻڌل ناهن.هن وڌيڪ چيو ته اهڙن “نام نهاد صحافين” کان خبردار رهڻ گهرجي، ڇاڪاڻته اهي مبينا طور تي ڪنهن لڪل ايجنڊا تحت اصل معاملن کان ڌيان هٽائڻ لاءِ غير اهم موضوعن کي وڌائين ٿا۔