ڪراچي (عوامي آواز رپورٽ) جيو نيوز جي پروگرام ”ڪيپيٽل ٽاڪ“ جي ميزبان ۽ سينئر صحافي حامد مير چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران ڳالهين کي جاري رکڻ ۽ وڌيڪ هڪ ملاقات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي، جنهن جو وقت ۽ هنڌ بعد ۾ طئي ڪيو ويندو، هن موجب ڊگهي ڳالهه ٻولهه دوران ٻنهي ڌرين جو موقف هو ته ڪجهه معاملن تي اتفاق ٿي چڪو آهي، جڏهن ته ڪجهه نقطن لاءِ پنهنجي قيادت کان وڌيڪ هدايت وٺڻ جي ضرورت آهي، نائب آمريڪي صدر جِي ڊي وينس به چيو آهي ته صدر ٽرمپ سان ڳالهه ٻولهه بعد ٻي ملاقات ٿي سگهي ٿي، جيو نيوز جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي حامد مير چيو ته ٻن هفتن جي عارضي جنگبندي تي به اتفاق ٿيو آهي ۽ ان جي توسيع لاءِ غير سڌي رابطن جو سلسلو جاري رهندو، جنهن ۾ پاڪستان سان گڏ چين ۽ ترڪي جو به اهم ڪردار آهي، ٻئي پاسي جيو نيوز جي سينئر اينڪر شهزاد اقبال چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ڳالهيون ختم نه ٿيون آهن، پاڪستان جي ٽياڪڙي سان رابطا ۽ ڪوششون جاري آهن ۽ اميد آهي ته انهن ڳالهين ذريعي مستقل امن حاصل ٿي سگهي ٿو، هن وڌيڪ چيو ته ڪيترن ئي نقطن تي ويجهڙائي اچي چڪي هئي، پر ڪجهه معاملن تي مڪمل اتفاق نه ٿيڻ سبب معاهدو نه ٿي سگهيو. هن اهو به واضح ڪيو ته جنگبندي 21 اپريل تائين آهي ۽ جيڪڏهن معاهدو نه ٿيو ته به ان جي جاري رهڻ جو امڪان آهي.