تل ابيب ۾ نيتن ياهو خلاف وڏو احتجاج، جنگ بند ڪرڻ جو مطالبو

تل ابيب/ لنڊن (م ڊ) برطانيا ۾ فلسطين جي حمايت ۾ احتجاج ڪرڻ تي سوين ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو، برطانوي پوليس موجب  لنڊن ۾ فلسطين ايڪشن جي حمايت ۾ ٿيل مظاهري دوران گهٽ ۾ گهٽ 523 مظاهرين کي حراست ۾ ورتو ويو، گرفتارين جو سبب هڪ پابندي مڙهيل تنظيم جي حمايت ظاهر ڪرڻ هو، حراست ۾ ورتل ماڻهن جي عمر 18 کان 87 سال تائين ٻڌائي وئي، ٻئي پاسي تل ابيب ۾ اسرائيلي وزيراعظم نيتن ياهو جي حڪومت خلاف وڏي پئماني تي احتجاجي ريلي ڪڍي وئي، جنهن ۾ شهرين وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي، مظاهرين حڪومت جي پاليسين تي سخت تنقيد ڪندي فوري طور جنگي ڪارروايون بند ڪرڻ جو مطالبو ڪيو، احتجاج دوران ”جنگ روڪيو“۽ ”نسل ڪشي بند ڪريو“ جهڙا نعرا لڳايا ويا، مظاهرين جو چوڻ هو ته لڳاتار جنگي صورتحال نه صرف خطي پر اسرائيل جي عوام لاءِ به مسئلا پيدا ڪري رهي آهي، تنهنڪري هاڻ امن ڏانهن وڌڻ ضروري آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.