ڳالهيون ڪامياب ڇو نه ٿيون؟ ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٻڌائي ڇڏيو

تهران (ويب ڊيسڪ) ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي چيو آهي ته آمريڪا ۽ ايران ڪجهه معاملن تي اتفاق تائين پهچي ويا هئا پر ٻن ٽن اهم مسئلن سبب معاهدو نه ٿي سگهيو.
ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ٿيندڙ ڳالهين جو هي دور گذريل هڪ سال دوران سڀ کان ڊگهو رهيو، جيڪو لڳ ڀڳ 24 کان 25 ڪلاڪن تائين جاري رهيو.
هن چيو ته ٻنهي ڌرين ڪجهه معاملن تي اتفاق ڪيو هو پر ٻن ٽن اهم معاملن سبب معاهدو نه ٿي سگهيو، جڏهن ته ٻين معاملن تي به راءِ ۾ اختلاف موجود آهن.
اسماعيل بقائي چيو ته سفارتڪاري ڪڏهن ختم ناهي ٿيندي، اها قومي مفادن جي تحفظ جو هڪ ذريعو آهي، اها اميد نه رکڻ گهرجي ها ته هڪ ئي ويهڪ ۾ ڪنهن معاهدي تائين پهچي وينداسين، منهنجي خيال ۾ ڪنهن کي به اهڙي اميد نه هئي.
هن وڌيڪ چيو ته ايران خطي ۾ پاڪستان ۽ ٻين دوست ملڪن سان رابطي ۾ رهندو ۽ پاڪستان جي حڪومت، عوام جو ٿورائتو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.